حيدرآباد ۾ عوامي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي 500 اڳواڻن، ڪارڪنن تي ڪيس داخل

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌياڻي تحريڪ جي سڏ تي حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون جلسو ڪري قلم 144  جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي الزام هيٺ حيدرآباد جي ڪينٽ ٿاڻي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون. جنرل سيڪريٽري سنڌو ملاح. سنڌي هاري تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري غلام مصطفا چانڊيو. ماروي سنڌو. لال جروار. ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي ۽ پرٿات هاليپوٽو سميت 500 ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪينٽ ٿاڻي جي اي ايس آءِ وزير احمد جي فرياد تي داخل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد ۾ 144 قلم لاڳو ڪري 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي مڙهيل آهي پر سنڌياڻي تحريڪ. عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ جي ڄاڻايل اڳواڻن پريس ڪلب سامهون 500 ماڻهو گڏ ڪري جلسو ڪيو. جيڪو عمل 144 قلم جي شق 188 پي پي سي جي خلاف ورزي آهي. اهڙي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڳواڻ ۽ ڪارڪن گاڏي ۾ سوار ٿي فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.