ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ڪي پي جي صوبائي صلاحڪار مزمل اسلم ٽوئيٽ ڪيو آهي ته سرڪار جنهن پارٽي جي هجي،حڪومت صرف ”چيني سرڪار“ جي هوندي آهي،ايئن ڇو؟صحافي زاهد گشڪوري لکيو ته هي انتهائي سنجيده معاملو آهي۔ ملڪ ۾ اهڙي ڪا به حڪومت نظر نٿي اچي جيڪا کنڊ مافيا جي مقابلي لاءِ بيهي سگهي۔پر جيڪا حرڪت 89 شگر مل مالڪن ۽ کنڊ اسٽيڪ مافيا گڏجي گذريل هڪ سال ۾ ڪئي آهي، اها شائد ڪنهن به حڪومت جي دور ۾ نه ٿي آهي۔گذريل سال ۾ 60 لک ٽن کنڊ عوام کي مهنگي وڪرو ڪئي وئي،عوام جي کيسي مان 150 ارب رپيا غيرقانوني منافعو ڪڍيو ويو،ڪنھن ادارِي، ڪنھن عدالت، ڪنھن حڪومت يا ڪنھن وزير کي ذرو به خيال نه آيو،ڪو احتساب ناهي، ڪوئي جاچ ناهي،هن لکيو ته ڪمند جو ڪرشنگ سيزن وقت تي شروع نه ٿيڻ سبب شگر مافيا صرف هڪ هفتي ۾ عوام جي کيسي مان وڌيڪ 15 ارب رپيا لٽڻ لاءِ تيار آهي۔سيزن نه هلائڻ جو مطلب آهي ته شگر مل مالڪ 7 لک ٽن کنڊ مهانگي وڪرو ڪري عوام کان هڪ هفتي ۾ 15 ارب رپيا وڌيڪ منافعو ڪمائيندا۔حڪومت هن چيو ته سيزن دير سان شروع ٿيڻ جي ڪري هاري وقت سر ڪڻڪ جي پوک نٿو ڪري سگهي،ملڪ جي هارين کي مجموعي طور 102 ارب رپين جو مالي ڌچڪو ايندو
-
شگر مافيا وڌيڪ 150 ارب ڪمائي ورتا:اسد عمر
اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران شگر مل مالڪن 30 لک ٽن کنڊ اوسطاً 60 رپيا في ڪلو وڌيڪ قيمت تي وڪرو ڪئي۔ نتيجي ۾ عوام جي کيسي مان شوگر مافيا 150 ارب رپيا اضافي لٽي ورتا،هن چيو ته حڪومت مڪمل طور تي خاموش آهي۔حڪومت جو مل مالڪن (يعني پنهنجي ڪجهه وزيرن )سان واعدو هو ته 15 نومبر تي ڪرشنگ سيزن شروع ڪئي ويندي، پر اڄ تائين ڪرشنگ شروع ناهي ڪئي وئي، ڇو ته پيداوار دير سان ٿيندي ته کنڊ وڌيڪ مهنگي ٿيندي،هن چيو ته حڪومت جو واعدو هو ته کنڊ 137 رپيا ڪلو ٿي ويندي،هاڻي 230 رپيا ڪلو ٿي وئي آهي،هن لکيو ته حڪومت جو واعدو هو ته کنڊ ٻاهر نه موڪلي ويندي،8لک ٽن کنڊ برآمد ٿي چڪي آهي۔سوال اهو آهي ته ڪير حساب وٺندو؟ ڪير ذميوار آهي؟ ڪير ڪندو پنهنجو احتساب؟وزيراعظم شهباز شريف صاحب!فوري نوٽيس وٺڻ جي سخت ضرورت آهي،
-
پنجاب حڪومت جي تنبيهه کان پوءِ 27 شگر ملن پيڙائي شروع ڪري ڇڏي
لاهور(م ڊ) پنجاب ۾ ڪرشنگ شروع نه ڪرڻ واري ملن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي اعلان ڪرڻ کان پوءِ اڌ کان وڌيڪ شوگر ملن ڪرشنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪين ڪمشنر پنجاب جو چوڻ آهي ته پنجاب جي 27 شوگر ملن ڪرشنگ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته باقي 14 ملن کي اڄ چيڪ ڪري ڪارروائي شروع ڪئي ويندي. ڪين ڪمشنر پنجاب وڌيڪ چيو ته کان ڪرشنگ شروع نه ڪرڻ واري شوگر ملز خلاف ايڪشن پلان تيار ڪيو ويو آهي ۽ ڪرشنگ شروع نه ڪرڻ واري ملز کي 10 لک رپيا روزانو ڏنڊ لڳايو ويندو. هن ٻڌايو ته مانيٽرنگ لاءِ ٽيمون ٺاهي ڇڏيون آهن ۽ هارين کي بروقت ڪمند جي ادائيگي کي يقيني بڻايو ويندو، جڏهن ته بازار ۾ نئين کنڊ اچڻ کان پوءِ قيمتن ۾ به گهٽتائي ايندي.