ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ 27ھين ترميم ذريعي جمھوريت، عدالت ۽ انساني حقن تي ڌاڙي، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون ڪئنالن خلاف گورنر ھائوس چوڪ کان پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. جنھن جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، اشفاق چنڙ، ايڊووڪيٽ ديدار علي چانڊيو، ڪاشف خاصخيلي، فياض اتيرو، سنڌياڻي تحريڪ جي شھربانو راھوجو، ناھيد جوڳي، ايس بي ٽي جو منصور چانڊيو ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو چيو ته 27ھين ترميم جمھوريت، عدالت ۽ انساني حقن جو قتل آھي. سنڌ کي ورهائڻ جون سازشون ڪندڙ ملڪ دشمن آھن. عالمي سامراجي طاقتون پاڪستان کي ٽوڙي ھن خطي کي پنھنجو اڏو بنائڻ چاھين ٿيون. ڪرپٽ حڪمران عدالت ۽ جمھوريت کان خوفزده آھن. 22 ڪروڙ عوام جي آواز کي دٻائڻ، بنيادي حقن تي ڌاڙو ھڻڻ لاء 27ھين آئيني ترميم جي نالي ۾ مارشلا ھنئي وئي آھي،هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جمھوريت ۽ عدالت جا قاتل آھن. سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي. عالمي سامراجي طاقتن جا ايجنٽ پاڪستان کي ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ لاء سنڌ کي ٽوڙڻئ جون سازشون ڪري رھيا آھن. اشفاق چنڙ چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي. 6 ڪئنال سنڌو درياھ تي ڌاڙي جو منصوبو آھي. ڪڏھن به زمينن تي قبضو ۽ سنڌو تي ڌاڙو برداشت نه ڪيو ويندو. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ناھيد جوڳي چيو ته سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. سنڌ سنڌين جو وطن آھي. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جمھوريت ۽ آئين کي دفن ڪري ڇڏيو آھي. جمھوريت قومي عوامي لائيرس فورم جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ديدار چانڊيو چيو ته 27ھين آئيني ترميم پيش ڪري عدالت ۽ جمھوريت جو جنازو ڪڍيو ويو آھي. اقتدار خاطر انصاف جا دروازا بند ڪيا ويا آھن. جمھوريت کي ختم ڪري آمريت جا دروازا کوليا ويا آھن. اظھار جي آزادي، عوام جي آواز کي بند ڪرڻ جا ڪارا قانون جوڙيا پيا وڃن. پيپلز پارٽي ھميشه مظلوم قومن جي تباھي جا قانون ٺاھيا ۽ انھن کي تحفظ ڏنو آھي. هن چيو ته بي روزگاري، مھانگائي، منشيات، بدامني ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل سنڌ کي پرامن جدوجهد ذريعي نجات ڏيارينداسين فياض اتيرو چيو ته سنڌ وٽ پرامن جدوجھد جي ڊگھي تاريخ آھي. جنرل ايوب جي خلاف ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ، نيلام بند ڪيو تحريڪ، سنڌي ۾ لسٽيون ڇپرايو تحريڪ، آمر جنرل ضياء جي سنڌ دشمن پاليسين خلاف ۽ جمهوريت جي بحالي لاء ايم آر ڊي جي تحريڪ، ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ، آمر جنرل پرويز مشرف خلاف تحريڪ، ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن خلاف مسلسل جدوجهد ۽ ٻٽي نظام خلاف جدوجهد ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن. ھاڻ به لکين ماڻھن سان رستن تي اچي سنڌ دشمن فيصلا ناڪام بڻائينداسين.