اگسٽ 1947 کان اڳ قائداعظم کي اندازو ٿي چڪو هو ته جيڪي مسلمان اڪثريتي صوبا پاڪستان ٺاهڻ وارا آهن، اهي فوراً ڪنهن بنيادي آئيني خاڪي تي متفق نه ٿي سگهندا. تنهن ڪري هن اهم معاملي کي مستقبل تي ڇڏي ڏنو ويو. هن فيصلي جا ٻه خطري وارا نتيجا نڪتا: پهريون ـ بنيادي آئيني خاڪي جي غير موجودگي سبب آئيني تشڪيل جو عمل فوري طور شروع نه ٿي سگهيو.
ٻيون ـ مرڪز ۽ صوبن جي وچ ۾ امڪاني تڪرارن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪو به رهنما اصول موجود نه رهيو. نتيجي ۾ هڪ سياسي خلا پيدا ٿيو، جنهن کي قائداعظم بيوروڪريسي جي مدد سان پورو ڪرڻ گهريو. بيوروڪريسي هن موقعو هٿ ڪري ورتو ۽ طاقتور مرڪز جي نظرئي جي آڙ ۾ سڄي ملڪ جو انتظــامي ۽ سياسي ڪنٽرول پاڻ سنڀالي ورتو. بيوروڪريسي جي صلاح تي 22 آگسٽ 1948 تي اتر اوڀر سرحدي صوبو (موجوده ڪي پي) جي اسيمبلي ٽوڙي وئي. هي قدم پاڪستان جي پنجن بنيادي وحدتن لاءِ کليل پيغام هو ته نئون ملڪ سخت مرڪزي گرفت هيٺ هلندو.
پاڪستان ٺهڻ بعد اُن تاريخي اصول کي نظرانداز ڪيو ويو ته گهڻ قومي ۽ گهڻ لساني رياست لاءِ وفاقي پارلياماني جمهوريت لازمي هوندي آهي. ان کان انحراف سبب فوري سياسي بحران پيدا ٿيو ۽ ٻه مخالف سياسي نظريا آمهون سامهون اچي ويا: هڪ نظرئي مطابق مڪمل صوبي اختيار وفاق کي مضبوط ڪندو. ٻي سوچ اها هئي ته انتهائي طاقتور مرڪز ئي پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ ضروري آهي.مشرقي پاڪستان سياسي شعور ۾ مغربي پاڪستان کان اڳتي هو، تنهن ڪري ان طاقتور مرڪز جي نظرئي جي سخت مخالفت ڪئي. 1948 ۾ اردو سان گڏ بنگالي کي قومي زبان جو درجو ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، جنهن کي رد ڪيو ويو. بنگالي جي حق ۾ وڏي تحريڪ اٿي، جيڪا 21 فيبروري 1952 تي پنهنجي عروج تي پهتي، جڏهن پوليس پرامن مظاهرين تي فائرنگ ڪري درجنين شاگردن کي شهيد ڪيو. آخرڪار 1956 ۾ بنگالي کي قومي زبان تسليم ڪيو ويو، پر تڏهن تائين گهڻو نقصان ٿي چڪو هو.
1956 ۾ ‘برابري نمائندگي’ جو قانون لاڳو ڪيو ويو. مشرقي پاڪستان جي آبادي 56٪ ۽ مغربي پاڪستان جي 44٪ هئي، پر قانون ذريعي ٻنهي کي اسيمبلي ۾ 150-150 سيٽن تي برابر بيهاريو ويو. هي بنگالي آبادي جي حب الوطنيءَ تي شڪ برابر هو، جڏهن ته اهي پاڪستان تحريڪ جا اڳواڻ هئا.
طاقتور حلقن نه رڳو اوڀر پاڪستان کي تابع رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مغربي پاڪستان جي ننڍن صوبن کي به نشانو بڻايو. صوبا ۽ رياستون گڏ ڪري ’ون يونٽ‘ ٺاهيو ويو ۽ گادي جو هنڌ لاهور رکيو ويو. هي قدم ننڍن صوبن ۾ شديد ردعمل جو سبب بڻيو، ڇاڪاڻتہ انهن جون قومي، ثقافتي ۽ سياسي سڃاڻپون تاريخي حقيقتون هيون. ون يونٽ خلاف سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ زبردست تحريڪ هلي، مزاحمتي ادب تخليق ٿيو، گيت، ترانا ۽ ناول لکيا ويا. هي جدوجهد ايوب آمريت خلاف تحريڪ جو اهم حصو بڻجي وئي ۽ ڪارڪنن وڏي قربانيون ڏنيون. ڊگهي جدوجهد کان پوءِ جولاءِ 1970 ۾ ون يونٽ ٽٽي پيو، صوبا بحال ٿيا ۽ پهريون ڀيرو بالغ رأي جي بنياد تي عام چونڊون ٿيون. 1970 جي چونڊن ۾ عوامي ليگ اڪثريت ماڻي، پر اقتدار نه ڏنو ويو. عوام جي مينڊيٽ کي لتاڙڻ تي اوڀر پاڪستان ۾ شديد ردعمل ٿيو، جنهن کي سختيءَ سان ڪُٽيو ويو، نتيجي ۾ 1971 ۾ بنگلاديش وجود ۾ آيو ۽ اڪثريت اقليت کان پنهنجو حق وٺي ڇڏيو.
1973 ۾ باقي پاڪستان لاءِ آئين ٺاهيو ويو، جنهن کي صرف چار سال بعد جنرل ضياءَ الحق معطل ڪري ڏنو ۽ 90 کان وڌيڪ تراميم ڪيون، ۽ آئين ٺاهيندڙ وزيراعظم کي 4 اپريل 1979 تي ڦاهي ڏني. ضياءَ الحق 1988 ۾ فوت ٿيو، ان کان پوءِ ڏهاڪي تائين ڪمزور سول حڪومتون آيون. 1999 ۾ جنرل پرويز مشرف آيو، آئين معطل ڪيو ۽ عدالت جي مدد سان 37 بي ۾ ترميمون ڪيون.
2006 ۾ سياسي ڌرين ’ميثاقِ جمهوريت‘ ڪيو، پر محترمه بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007 تي شهيد ڪيو ويو. 2008 ۾ پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي؛ وزيراعظم گيلاني کي عدالت هٽايو، پوءِ راجا پرويز اشرف وزيراعظم بڻيو. 70 سالن ۾ پهريون دفعو پارليامينٽ پنهنجي آئيني مدي پوري ڪئي. 2010 ۾ 18هين ترميم ذريعي صوبن کي تاريخي اختيار ڏنا ويا. 2013 ۾ نواز شريف آيو، 2017 ۾ هٽايو ويو. 2018 ۾ عمران خان آيو، پر 10 اپريل 2022 تي سندس حڪومت به ختم ٿي وئي. هڪ به وزيراعظم آئيني مدت پوري ڪري نه سگهيو، جڏهنتہ چار فوجي حڪمرانن 38 سال سڌي آمريت مسلط ڪئي.
سالن جي تحريڪن، اقتدار جي ڇڪتاڻ ۽ ڏهاڪن جي بحرانن کان پوءِ به، نومبر 2025 ۾ 27هين ترميم ٿيڻ باوجود بحران ختم نه ٿيو. بلاول ڀٽو زرداريءَ جو پارليامينٽ ۾ اهو اعلان ـ ”18هين ترميم دنيا جي ڪا طاقت ختم نٿي ڪري سگهي“ ـ پاڻ ۾ سڀ ڪجهه چئي ٿو. تاريخ بار بار ثابت ڪيو آهي ته ماڻهو اڻ پڙهيل ٿي سگهن ٿا، پر جاهل نه هوندا آهن. هزارين سالن جو اجتماعي تجربو انهن کي بي مثال بصيرت ڏئي ٿو. تنهن ڪري عوام جي مرضي ۽ چونڊيل پارليامينٽ سان ٽڪرائجي ڪڏهن به استحڪام نٿو ملي. جن ملڪن عوامي امنگن جو احترام ڪيو، اهي اڄ به ترقي يافته آهن. جيڪي نه ڪري سگهيا، تن مان ڪيترائي تباهيءَ تائين پهچي ويا. اسان 78 سالن کان بحرانن ۾ ڦاٿل آهيون، پر صورتحال اڃا به عجيب آهي نه اسين تاريخ مان سکنداسين، نه پنهنجي تجربي مان!