اسرائيل طرفان نئين سپريم ليڊر جي زخمي ٿيڻ جي دعويٰ، مجتبيٰ خامنه اي زخمي پر محفوظ آهي: ايراني صدر جي پٽ جي وضاحت

تهران/تل ابيب/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ حملن سبب صورتحال وڌيڪ ڳنڀير ٿي وئي آهي، جڏهن ته اسرائيلي عهديدارن دعويٰ ڪئي آهي ته ايران جو نئون چونڊيل سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي تازن حملن دوران زخمي ٿي پيو آهي، جڏهن ته علائقي ۾ ڊرون حملن، ميزائل فائرنگ ۽ سياسي بيانن سان جنگ جو دائرو وڌڻ جا خدشا پڻ ظاهر ڪيا پيا وڃن.

اسرائيلي حملي ۾ ايران جو نئون چونڊيل سپريم ليڊر زخمي ٿيو هو: اسرائيلي عهديدار جو دعويٰ
اسرائيلي عهديدار دعويٰ ڪئي آهي ته انٽيليجنس رپورٽن موجب ايران جو نئون چونڊيل سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي گذريل ڏينهن اسرائيلي حملي ۾ معمولي زخمي ٿيو هو.
رپورٽ موجب، مجتبيٰ خامنه اي کي اسرائيلي حملي دوران پيرن تي معمولي زخم آيا هئا.
مجتبيٰ خامنه اي جي زخمي ٿيڻ وارين خبرن تي ايران جي حڪومتي صلاحڪار يوسف پزشڪيان وضاحت ڪئي ته لاڳاپيل ذريعن ٻڌايو آهي ته مجتبيٰ خامنه اي بلڪل محفوظ ۽ خيريت سان آهي، ايراني سرڪاري ٽي وي مجتبيٰ خامنه اي کي رمضان جنگ جو زخمي مجاهد قرار ڏنو هو.

دبئي ايئرپورٽ ويجهو ٻن ڊرون جهازن سان حملو، 4 ڄڻا زخمي
دبئي ميڊيا آفيس جو چوڻ آهي ته دبئي ايئرپورٽ ويجهو ٻه ڊرون ڪِري پيا ۽ ان واقعي ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
دبئي ميڊيا آفيس موجب ڊرون ڪِرڻ باوجود ايئر ٽريفڪ معمول موجب جاري آهي.

خطي جي ٻين ملڪن سان تڪرار ۾ پوڻ جو ڪو ارادو ناهي: ايراني صدر جي شهباز شريف سان گفتگو
ايراني ميڊيا موجب، ايراني صدر مسعود پزشڪيان وزيراعظم شهباز شريف سان گفتگو ڪئي آهي.
ڳالهه ٻولهه دوران مسعود پزشڪيان چيو ته جيڪڏهن عالمي برادري جنگ جي ذميوارن تي ڌيان نه ڏيندي ته عالمي نظام ۽ سيڪيورٽي کي سنگين خطرا پيش اچي سگهن ٿا.
ايراني صدر جو چوڻ هو ته ايران جو خطي جي ٻين ملڪن سان ڪنهن به تڪرار ۾ پوڻ جو ڪو ارادو ناهي.

ايران جنگ جو انجام ڇا ٿيندو؟ 5 امڪاني منظرناما سامهون اچي ويا
آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، هڪ امڪاني منظرنامو اهو به آهي ته آمريڪا ۽ ايران ٻيهر ڳالهيون ڪن ۽ ايراني جوهري پروگرام کي محدود ڪرڻ تي نئون معاهدو ٿي وڃي.
ٻيو منظرنامو اهو آهي ته آمريڪا دٻاءُ يا ڳجهين ڪارروائين ذريعي ايراني قيادت تبديل ڪري ڇڏي ۽ آمريڪا موجوده ايراني نظام اندر ئي ڪنهن نئين قيادت سان ڪم شروع ڪري.
رپورٽ ۾ ٽيون امڪاني منظرنامو پڻ پيش ڪيو ويو آهي ته جنگ، معاشي بحران ۽ سياسي دٻاءُ سبب ايران ۾ احتجاجي تحريڪ جنم وٺي ۽ حڪومتي نظام ڊنوان ڊول ٿي وڃي.
چوٿون منظرنامو اهو به ٿي سگهي ٿو ته آمريڪا ۽ اسرائيل زميني ڪارروائي ڪري ايراني جوهري صلاحيت کي تباهه يا پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏين.
رپورٽ ۾پنجون ۽ آخري امڪاني منظرنامو هن ريت آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ ايران جي ميزائل ۽ ڊرون صلاحيت کي ڪمزور قرار ڏئي فتح جو اعلان ڪري ۽ فوج واپس گهرائي وٺي.

اسرائيل جي تهران ۾ وڏي پئماني تي حملن جي دعويٰ، بئنڪ کي به نشانو بڻايو ويو
ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملا 12هين ڏينهن به جاري آهن ۽ اسرائيل تهران ۾ وڏي پئماني تي حملن جو دعويٰ ڪئي آهي.
رپورٽن موجب، ايران جي گادي واري شهر تهران جي مرڪزي علائقي ۾ زوردار ڌماڪا ٻڌا ويا، هڪ حملي ۾ بئنڪ کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ هڪ ملازم شهيد ٿي ويو.
ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا ۽ اسرائيل لڳ ڀڳ 10 هزار شهري هنڌن کي نشانو بڻائي چڪا آهن، جڏهن ته هينئر تائين 1300 کان وڌيڪ شهري شهيد ٿي چڪا آهن.

ٽرمپ کي ايرانين جي خبر ئي ناهي، انڪري هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ڳالهه پيو ڪري: ايراني پرڏيهي صلاحڪار
آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ايران جي پرڏيهي صلاحڪار ڪمال خرازي چيو ته پنج هزار سال پراڻي ايراني تهذيب ۽ ثقافت سان مالا مال ايرانين کي شيعه نظريي ۽ اسلامي تصوف مان مضبوطي ملي آهي.
هن چيو ته ڊگهي جنگ جي صلاحيت نه هئڻ واري ڳالهه آمريڪي پروپئگينڊا آهي، ٽرمپ کي ايرانين جي خبر ناهي انڪري هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي صلاحڪار چيو ته ايران پنهنجا هٿيار پنهنجي ملڪ ۾ ئي تيار ڪري ٿو، امپورٽ نٿو ڪري، پُرعزم ايراني فوج ڊگهي عرصي تائين جنگ وڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
ڪمال خرازي وڌيڪ چيو ته سفارتڪاري جي گنجائش ختم ٿي چڪي آهي، موجوده محاذ آرائي ايران جي وجود لاءِ خطرو آهي، ايران کي پوري طاقت سان جواب ڏيڻو پوندو.

ايران جي نئين سپريم ليڊر سان ايڪي جي اظهار لاءِ ريلي دوران آمريڪا ۽ اسرائيل جو حملو
تهران جي انقلاب اسڪوائر ويجهو نئين سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي سان ايڪي جي اظهار لاءِ نڪتل ريلي دوران آمريڪا ۽ اسرائيل حملو ڪيو.
ڌماڪن جي وڊيو ايراني سرڪاري ٽي وي تي سڌي نشر ٿي، ڌماڪن جي آواز کان ڊڄڻ بدران ايراني ڄمي مزاحمت ڪندا رهيا.
ايراني شهرين ڌماڪن جي گونج ۾ وڌيڪ شدت سان پنهنجي ملڪ جا جهنڊا لهرايا ۽ آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف نعرا هنيا.

”اسرائيل کي ملڪ طور وجود ۾ آڻڻ تي برطانوي حڪومت معافي وٺي “
ڪيئي برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن اسرائيل جي قيام جي راهه هموار ڪرڻ تي برطانوي حڪومت کان معافي جو مطالبو ڪيو آهي.
وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته 1916 جي بالفور معاهدي جا نتيجا اڄ سامهون اچي رهيا آهن، انهيءَ معاهدي سبب 1948 ۾ فلسطينين جو قتل عام ٿيو ۽ اسرائيل وجود ۾ آيو.
خط تي 45 کان وڌيڪ برطانوي پارليامينٽ ميمبرن ۽ لارڊز صحيحون ڪيون آهن.
ياد رهي ته سلطنت عثمانيه جي شڪست کانپوءِ برطانيا 1948 تائين فلسطين تي حڪمراني ڪئي هئي.
برطانيا جون مختلف حڪومتون ان دور جي رڪارڊ کي تسليم ڪرڻ ۽ معافي گهرڻ کان انڪار ڪنديون رهيون آهن.

جنگ جو 12هون ڏينهن، پاڪستان کان وچ اوڀر لاءِ اڄ به 83 اڏامون رد
ڪراچي کان دوحا، بحرين، دبئي ۽ ابوظهبي جون 18 اڏامون رد ڪيون ويون جڏهن ته لاهور کان دوحا، ڪويت، دبئي، شارجا ۽ ابوظهبي جون 22 اڏامون رد ڪيون ويون، اهڙي طرح اسلام آباد کان به دوحا، ڪويت، بحرين، ابوظهبي ۽ رياض جون 19 اڏامون رد ڪيون ويون.
پشاور کان وچ اوڀر جون 16 اڏامون رد جڏهن ته 8 آپريٽ ڪيون پيون وڃن. ڪراچي کان 14، لاهور کان 13 ۽ اسلام آباد کان وچ اوڀر جون 20 اڏامون آپريشنل آهن، ملڪ جي سمورن هوائي اڏن تان اڄ وچ اوڀر جون 72 اڏامون آپريشنل آهن.

ايران اسرائيل جي بن گوريان ايئرپورٽ تي ميزائلن جو ميِنهُن وسائي ڇڏيو
هڪٻئي پٺيان ميزائل ايئرپورٽ تي ڪِريا جنهن سبب پري پري تائين ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، باهه جا شعلا به بلند ٿيندي ڏٺا ويا، ڪجهه ميزائل روڪڻ کانسواءِ اسرائيل جو ايئر ڊفينس سسٽم ناڪام رهيو ۽ پوءِ سائرن جون آواز گونجندا رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.