شڪارپور (رپورٽ زاھد سنجراڻي )شڪارپور خانچندآباد ۾ ھٿياربندن جي پراڻي دشمني تان فائرنگ گھر ٻاھران بيٺل ھڪ ڄڻو قتل واٽھڙو سميت ٻه ڄڻا گوليون لڳڻ سبب زخمي جوابدار فرار قتل ٿيل ڪراڙو شجراع قتل ڪيس ۾ ست سال جيل ڪاٽي ڪجھ ڏينھن پھريان جيل مان آزاد ٿيو ھو واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آھي پوليس تفصيل موجب شھر جي نيو فوجداري ٿاڻي جي حد خانچند آباد محلي ۾ ھٿاربندن پراڻي دشمني تان فائرنگ ڪري ڏني فائرنگ جي نتيجي ۾گھر ٻاھران بيٺل ڪراڙو عرف مير محمد شجراع موقعي تي ئي گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو فائرنگ سبب سندس ڀاءَ الله وڌايو شجراع ھڪ واٽھڙو نينگر زاڪر سومرو زخمي ٿي پيا واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا آھن اطلاع تي نيو فوجداري پوليس پھچي قتل ٿيل ۽ زخمين کي سول اسپتال پھچايو جتي زخمين کي طبي امداد ڏئي داخل ڪيو ويو آھي جڏھن ته فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي انھي سلسلي ۾ نيو فوجداري پوليس جو چوڻ ھو ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ھوڏانھن انھي سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي ته مارجي ويل شخص ڪجھ سال اڳ شجراع برادري جي ٽيچر غلام قادر کي قتل ڪيو ھو ڪجھ ڏيھن پھريان جيل مان آزاد ٿيو ھو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو ھو