جناح اسپتال جو ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(رپورٽر) جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر شاهد رسول جمعي ڏينهن صبح 10 وڳي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. پروفيسر شاهد رسول روبوٽڪ سرجري جا استاد هئا. مرحوم 2026 ۾ پنهنجي ملازمت مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جناح اسپتال مان رٽائر ٿيڻ وارا هئا. سال 1994ع ۾ ڊاڪٽر شاهد رسول کي ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج مان گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ کان پوءِ جناح اسپتال ۾  ميڊيڪل آفيسر مقرر ڪيو ويو. هن جناح اسپتال ۾ جنرل سرجري ۾ پوسٽ ميڊيڪل گريجوئيشن جي تعليم مڪمل ڪئي. ايف سي پي ايس کان پوءِ، هن رائل ڪاليج آف سرجنز مان سرجري ۾ اعليٰ تعليم ايف آر سي ايس ۾ به پڻ مڪمل ڪئي. کيس جناح ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ گريڊ 21 ۾ مقرر ڪيو ويو. اسڪاٽلينڊ جي رائل ڪاليج آف سرجنز پاران کيس اعزازي ڊگري ڏني وئي. آگسٽ 2025 ۾ هن رائل ڪاليج آف فزيشنز اينڊ سرجنز، گلاسگو (آر سي پي ايس)، پاڪستان ۾ صلاحڪار جو عهدو سنڀاليو. آگسٽ 2021 ۾ ڊاڪٽر سيمي جمالي جي وفات کان پوءِ سنڌ حڪومت پروفيسر شاهد رسول کي جناح اسپتال جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو هو. مرحوم کي جناح اسپتال ۾ مريضن جي روبوٽڪ سرجري لاءِ به سٺي شهرت حاصل هئي. اسپتال جي جوائنٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سلمان چيو ته پروفيسر شاهد رسول کي روبوٽڪ سرجري جي شعبي ۾ هڪ اهم مقام حاصل هو. سندس جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي،ٻئي پاسي  وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جناح اسپتال جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر شاهد رسول جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيوته ڊاڪٽر شاهد رسول جو شمار ملڪ جي بهترين سرجنز ۾ ٿيندو هو، سنڌ جي ليبر افرادي قوت ۽ سماجي تحفظ واري وزير سعيد غني سندس وفات تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.