حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ وڪيل پاران 27هين ترميم خلاف عدالتي احاطي ۾ کڏو کوٽي کڏي ۾ لهي انوکو احتجاج ڪيو ويو آهي. احتجاج ڪندڙ وڪيل جي ايم لغاري چيو ته اسان هميشه عداليه ۽ آئين جي آزادي جي ڳالهه ڪئي آهي، 27هين ترميم ذريعي آئين جي آزادي ختم ڪئي وئي آهي، اسين 27هين ترميم کي هن کڏي ۾ دفن ڪنداسين. هن چيو ته 27هين ترميم هڪ ڪارو قانوني آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.