باضمير جسٽس منصور علي شاهه ۽ اطهر من الله پينشن ۽ مراعتن کان به انڪار ڪندا؟

ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ريٽائرمينٽ کان پوءِ جسٽس  منصور علي شاهه ۽ اطهر من الله تقريباً 13 ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ رقم وصول ڪندا.آخري سيلري سلپ مطابق، هو تاحيات پينشن حاصل ڪندا، جيڪا لڳ ڀڳ ماهوار 28 کان 30 لک رپيا بڻجي ٿي۔ان کان علاوه، تاحيات ٻيا الاؤنس، گاڏي، ڊرائيور ۽ سيڪيورٽي لاءِ پوليس اهلڪار پڻ فراهم ڪيا ويندا۔ججن کي هڪ پسند جو اردلي رکڻ جي به اجازت هوندي، جڏهن ته 3000 مفت ٽيليفون ڪالون، 2000 يونٽ بجلي، مفت گئس، مفت پاڻي، ۽ 300 ليٽر پيٽرول ماهوار پڻ ڏنو ويندو۔. جج صاحبان جي وفات کان پوءِ به بيوه کي ڊرائيور ۽ اردلي ملي سگهندا، 2000  يونٽ بجلي ۽ مفت پاڻي جي سهولت به برقرار رهندي، ۽ ماهوار 300 ليٽر پيٽرول پڻ ڏنو ويندو، جڏهن ته بيوه کان انڪم ٽيڪس نه ورتو ويندو۔جيڪڏهن جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس منصور علي شاهه واقعي اصولي جنگ وڙهي رهيا آهن، ته پوءِ استعفيٰ ڏيڻ بعد پينشن ۽ اهي سموريون مراعات ڇڏي ڏيکاري،سينئر صحافي عبدالقيوم صديقي لکيو آهي ته جن ججن جا ضمير جنرل باجوا ۽ جنرل فيض جي لورين سان گهيڙي ننڊ ۾ سُتل هئا،27هين آئيني ترميم انهن کي جاڳائي ڇڏيو آهي۔اميد ته هاڻي اهي "ايماندار، سچا ۽ باضمير” جج سابق ججن کي ملندڙ بيشمار مراعتن تان به فوري طور دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪندا؟صحافي انصار عباسي لکيو ته وڌيڪ ٻن ججن جي استعيفيٰ فوري يا هڪ مهيني بعد؟جيڪڏهن اهي فوري استعيفيٰ ڏين ٿا ته کين پينشن نه ملندي،۽ جيڪڏهن اهي هڪ مهيني بعد ڏين ٿا ته پينشن لاءِ اهل ٿي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.