ڪنڌڪوٽ ۾ گاڏهي-چولياڻي ڌرين ۾ تڪرار تان فائرنگ، پيءُ ۽ پٽ قتل

ڪنڌڪوٽ/ڪرمپور (ممتاز سنڌي/مهتاب ملڪ) ڪرمپور لڳ گاڏهي ۽ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار سبب فائرنگ جي واقعي ۾ ٻه ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي  پيو. ڳوٺ مير نصرالله خان بجاراڻي ۾ گاڏهي برادري جي هٿياربندن مگسي لاڙي وٽ چولياڻي برادري جي ماڻهن تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نور حسن چولياڻي ۽ سندس پٽ نائب چولياڻي ٿڏي تي مارجي ويا. جڏهن ته محمد نواز چولياڻي ۽ اختيار چولياڻي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. فائرنگ کان پوءِ هٿياربند فرار ٿي ويا ۽ واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا جتي پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻن ڄڻن جي مارجڻ کانپوءِ ٻنهي ڌرين ۾ مارجي ويلن جو انگ 7 ٿي ويو. پوليس چيو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.