اسلام آباد(بيورو)سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مسرت هلالي وفاقي آئيني عدالت جي جج بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. ذريعن موجب، جسٽس مسرت هلالي کي وفاقي آئيني عدالت جي جج طور غور هيٺ آندو ويو هو، پر هن اهي ذميواريون سنڀالڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس مسرت هلالي نے صحت جا مسئلا بنياد بڻائيندي وفاقي آئيني عدالت ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو۔معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به خراب صحتي سبب جسٽس مسرت هلالي جو بينچ ڊي لسٽ ڪيو ويو هو، جنهن کان پوءِ هن وفاقي آئيني عدالت جو عهدو قبول ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو۔