وڪيلن جي تحريڪ وقت اطهر من الله نوازليگ سان گڏ هو

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)مظهر عباس چيو آهي ته راڻا ثناءَ الله ٻڌائي ته جڏهن وڪيل تحريڪ هلي رهي هئي ته اطهر من الله راڻا ثناءُ الله جي جماعت ۽ نوازشريف سان گڏ بيٺو هو ان کانپوءِ جڏهن جج بڻيو ته راڻا ثناءُ الله تڏهن کيس سياسي جج ڇو نه چيو ؟هن چيو ته مون ڪجهه عرصو اڳ بار ايسوسيئيشن جو دورو ڪيو هو،اتي مون ڪجهه عهديدارن کان پڇيو ته عدليه جي صورتحال هي آهي،بار ايسوسيئيشنز ڇا ڪري رهيون آهن؟ ته ڪنهن وڪيل چيو ته هي بار نه بارگين ايسوسيئيشنز آهن،مان ڪا وڪيل تحريڪ نه پيو ڏسان،اينڪر ارشاد ڀٽي ٽوڪ واري انداز ۾ چيو ته ڪمال آهي ته حڪومت چوي ٿي ته 26هين ۽ 27هين ترميم عوام جي بهتري لاءِ آندي وئي آهي، سپريم ڪورٽ گهڻي طاقتور ٿي آهي،ان ڳالهه  جي خبر منصور علي شاهه ۽ اطهر من الله جهڙن قابل ججن کي نه پئي،هڪ عمارت تبديل ناهي ٿي هڪ نظام تبديل ٿيو آهي،اڳتي هلي خبر پوندي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ 56 هزار التوا ۾ پيل ڪيسن تي حڪومت جي دل ۾ درد جاڳيو،ماتحت عدالتن ۾ 19 يا 20 لک  ڪيس پينڊنگ ۾ پيل آهن جتي اسان جي 90 سيڪڙو عوام ذليل خوار ٿئي ٿي،اتي ڪا 26هين ڇو نه آئي؟اتي ڪا 27هين ترميم ڇو نه آئي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.