ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي جج منصور علي شاهه ۽ اطهر من الله حڪومت جي مداخلت کان تنگ ٿي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ۽ هي موضوع تازو هر هنڌ بحث هيٺ آهي۔پر گهٽ ماڻهو ڄاڻن ٿا ته 1997 ۾ به هڪ چيف جسٽس حڪومت جي دٻاءُ سبب استعيفيٰ ڏني هئي،دلچسپ ڳالهه اها آهي ته انهي وقت به وزيراعظم شريف خاندان مان هو، ۽ عدليه ۾ شريف خاندان جو هڪ همدرد گروپ موجود هو، جنهن چيف جسٽس کي گهر وڃڻ تي مجبور ڪيو۔اهو واقعو نواز شريف جي طاقت جو مظاهرو هو، ۽ سندس اثر رڳو عدليه تائين محدود نه هو، پر هر سرڪاري اداري ۾ محسوس ڪيو ويندو هو۔رفتار نيوز موجب نواز شريف عدليه ۾ ڪيئن لابنگ ڪئي،پوليس ۾ پنهنجا وفادار ڪيئن ڀرتي ڪيا،ميڊيا ۾ نجم سيٺي کان حامد مير تائين مخالف آواز کي ڪيئن سزا ڏني،۽ هر ڀيري راند کان ٻاهر ٿيڻ کان پوءِ ڪيئن واپس پنهنجي جاءِ ٺاهي،اهو سڀ ڪجه دستاويزي فلم ۾ موجود آهي.