مظفرآباد/اسلام آباد (م ڊ/بيورو) پيپلزپارٽي وزيراعظم آزاد ڪشمير چوڌري انوارالحق خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي. ذريعن موجب، پ پ جي اعليٰ قيادت اسيمبلي ميمبرن کي فوري مظفرآباد پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. آئين موجب بي اعتمادي رٿ جمع ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ ٽن کان 7 ڏينهن اندر اسيمبلي جو اجلاس گهرائي راءِ وٺڻ ضروري آهي. چوڌري انوارالحق به بي اعتمادي رٿ جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مسلم ليگ ن بي اعتمادي رٿ ۾ پ پ جو ساٿ ڏيندي. پاڪستان ۾ آئيني ترميم سبب بي اعتمادي رٿ دير جو شڪار ٿي هئي. ذريعن موجب، سادي اڪثريت لاءِ 27 ووٽ گهربل آهن پ پ طرفان 40 ميمبرن جي حمايت جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پيپلزپارٽي فيصلراٺوڙ کي آزاد ڪشمير جو وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پ پ اڳواڻن دعويٰ ڪئي ته وٽن اڪثريت موجود آهي ۽ حڪومت سازي لاءِ مڪمل طور تي پوزيشن مضبوط آهي. راجا پرويز اشرف چيو ته پارٽي مشاورت سان فيصلا ڪري ٿي، ڪشميري عوام لاءِ سولايون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. چوڌري ياسين چيو ته صدر آصف علي زرداري هر فورم تي ڪشميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ آواز اٿاريو.