سپريم ڪورٽ جو فل ڪورٽ اجلاس، جسٽس منيب ۽ جسٽس عائشا شريڪ نه ٿيا

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ رولز 2025 ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي. چيف جسٽس يحييٰ آفريدي جي سربراهي ۾ اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي 19 مان 17 ججن  شرڪت ڪئي. ٻن ججن جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس عائشا ملڪ شرڪت نه ڪئي. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي ججن جو مجموعي انگ 24 هو ۽ ٻن ججن جي استعيفيٰ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 22 ٿي ويو. پڌرائي موجب، سپريم ڪورٽ رولز 1980 جو جامع جائزو مڪمل ڪيو ويو ۽ نيون ترميمون منظور ڪيون ويون. منير پراچا کي سينيئر ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ جو درجو ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. جسٽس شاهد وحيد، جسٽس عرفان سعادت، جسٽس نعيم افغان، جسٽس عقيل عباسي جي ڪميٽي مسودو تيار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.