پاڪستان ڪنهن به دهشتگرد گروپ سان ڳالهيون نه ڪندو:پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به دهشتگرد گروپ سان ڳالهيون نه ڪندو، جنهن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي) شامل آهن. جمعي تي پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾، هن چيو ته پاڪستان هميشه ڪابل حڪومت سان ڳالهين لاءِ در کليل رکيا آهن، پر دهشتگرد گروپن سان ڳالهين جي ڪا گنجائش ناهي. هن افغانستان ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ افغان سرزمين کان پاڪستان تي حملن ۾ واڌ جو اشارو ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان هن صورتحال ۾ صبر جو مظاهرو ڪيو آهي. بهرحال، پاڪستان کي افغان طالبان انتظاميا کان انهن حملن کي روڪڻ لاءِ عملي قدمن جي اميد هئي، پر طالبان طرفان رڳو واعدا ڪيا ويا. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون  هٿياربند فوجون پنهنجي ماڻهن جي حفاظت لاءِ قربانيون ڏئي رهيون آهن ۽ سڀئي پاڪستاني هن مقصد ۾ يڪجهتي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.