اڃا وڌيڪ استعيفائون به اينديون: ملڪ احمد خان

لاهور(بيورو)اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ملڪ احمد خان چيو آهي ته اڃا ڪجهه استعيفائون اينديون هي ڇڪتاڻ ۽ ورهاست اصل ۾ چيف جسٽس بڻجڻ لاءِ آهي،لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو  ته عدالتي فيصلن ذريعي پارليامينٽ جا اختيار محدود ڪيا ويا، جنهن سبب پارليامينٽ کي "هڪ ڪنڊ ۾ ويهاري ڇڏيو ويو،هن جو چوڻ هو ته پارليامينٽ  پنهنجن حقن بابت ڳالهائڻ ۾ به ڊڄندي هئي،اڄ اهي دروازا بند ٿيڻ گهرجن،وفاقي آئيني عدالت جو قيام ضروري ٿي چڪو آهي،مقرري ڪيئن ٿيندي؟ هاءِ ڪورٽ ڪيئن بڻبي؟ اهي سڀ اختيار پارليامينٽ وٽ هئڻ گهرجن،پارليامينٽ کي بااختيار بڻائڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.