سکر (رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران 27 هين آئيني ترميم خلاف احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته ملڪ مان وڪيلن کي اسلام آباد ٽول پلازا تي ملڪي سطح جي ڌرڻي ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، ضلعي بار سکر ۽ ضلعي بار خيرپور جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽرين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي 27 هين آئيني ترميم کي عدليا جي خودمختياري تي وار قرار ڏيندي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو. پريس ڪانفرنس ۾ جڊيشل ڪميشن جي ميمبر ۽ صدر هاءِ ڪورٽ بار سکر قربان ملاڻو ايڊووڪيٽ، جنرل سيڪريٽري آچر گبول، ضلعي بار سکر جي صدر علي احمد پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي ملاڻو ۽ خيرپور ضلعي بار جي صدر اعجاز علي چانڊيو شرڪت ڪئي. وڪيل اڳواڻن چيو ته 27هين آئيني ترميم رياستي ادارن جي وچ ۾ اختيارن جي توازن کي بگاڙڻ جي ڪوشش آهي جيڪا عدليا جي آزادي لاءِ سنگين خطرو آهي. انهن چيو ته سنڌ جي وڪيل برادري عدليا جي خودمختياري ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪندي. قربان ملاڻو ايڊووڪيٽ چيو ته جلد ئي سياسي، سماجي ۽ قومپرست جماعتن سان صلاح مشورا مڪمل ڪري اسلام آباد ٽول پلازا تي ملڪ گير دهرڻو شروع ڪيو ويندو. هن واضح ڪيو ته هي تحريڪ قانون، انصاف ۽ آئين جي تحفظ لاءِ هڪ تاريخي جدوجهد هوندي. جيڪڏهن حڪومت عدليه ۾ مداخلت جاري رکي ته سڄي ملڪ ۾ وڪيل سخت احتجاجي عمل شروع ڪندا .