اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)وڪيل ايمان زينب مزاري ٽوئيٽ ڪيو آهي ته جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جون استعيفائون هن ملڪ لاءِ اميد جو ڏيئو آهي،ڪو به ماڻهو هن نظام سان اندرئين طور جنگ نٿو جوٽي سگهي ان جو 26هين ترميم کان پوءِ امتحان ٿي چڪو آهي،هن چيو ته پاڪستان جا ماڻهو پنهنجي آئين تي ٿيندڙ هن حملي کي چپ چاپ قبول نه ڪندا۔اسان مزاحمت ڪنداسين۔ اسان کي لازمي طور مزاحمت ڪرڻي آهي،وڪيل اڳواڻ منيراي ملڪ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو جنازو نڪري چڪو آهي،اها ڪهڙي ڳاله جي سپريم ڪورٽ آهي جيڪا آئين جي تشريح ئي نٿي ڪري سگهي،هن چيو ته عدليه مان فيصلي جي طاقت کسي وئي آهي،هي سپريم ڪورٽ ڪنهن ڊسٽرڪٽ جج يا سيشن جج جي ڪورٽ کان وڌيڪ هاڻي ڪجهه ناهي.