اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي مالياتي ڪميشن جو 18 نومبر تي گهرايل اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن مطابق، 18 نومبر جو اجلاس ملتوي ٿيڻ بابت صوبن کي اطلاع ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب اين ايف سي جو اجلاس 18 نومبر تي نه گهرائڻ جو خاص ڪارڻ ناهي ٻڌايو ويو. ناڻي واري وزارت چئني صوبن جي صلاح کان پوءِ 18 نومبر ي اجلاس گهرائڻ لاءِ وزيراعظم هائوس کان منظوري گهري هئي.وزيراعظم هائوس کان جواب نه ملڻ بعد صوبن کي اجلاس ملتوي ڪرڻ بابت اطلاع ڏنو ويو آهي.