اسلام آباد(بيورو)جي يو آءِ جي پارلياماني اڳواڻ مولانا عطاالرحمان سينيٽ ۾ تقرير ڪندي چيو ته جنرل چون ٿا ته هاڻي مارشل لا نه لڳائينداسين،جڏهن اهڙيون ترميمون اينديون ته پوءِ مارشل لا لڳائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟هن چيو ته جيڪي ترميمون ٿي رهيون آهن جنرلن پاران ٿي رهيون آهن، قيامت کانپوءِ به استثنيٰ جي سهولت حاصل ڪرڻ جا لفظ لڳائي ڇڏيو ها،محشر واري ڏينهن به انهن کي اها سهولت هوندي،توهان جي قلم ۾ ڪا به پابندي ته نه هئي،هن چيو ته توهان ماڻهن کي پنهنجي ملڪ جي آئين خلاف ڳالهائڻ تي ڇو مجبور ڪري رهيا آهيو؟اسان ان آئين سان گڏ بيٺا آهيون جيڪو جنرلن جو بڻايل ناهي،