اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاهه 13 صفحن تي ٻڌل استعيفيٰ ۾ سبب بيان ڪندي چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم آئين تي سنگين حملو آهي، 27هين آئيني ترميم سپريم ڪورٽ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي ۽ عدليا کي ورهائي ملڪ کي ڏهاڪا پوئتي ڌڪيو ويو آهي.. جسٽس اطهر من الله پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو آهي ته مان 27هين ترميم کان جي منظوري کان اڳ چيف جسٽس کي خط لکي ان ڳالهه تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي ته ان ۾ تجويز ڪيل شقن جو اسان جي آئيني نظام تي ڪهڙو اثر پوندو، مان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج جي عهدي تان پنهنجي استعيفيٰ پيش ڪيان ٿو، خدا ڪري جيڪو به فيصلو ڪري اهو سچائيءَ سان ڪري.ته موجوده صورتحال ۾ سپريم ڪورٽ جو آئيني وجود ختم ٿي رهيو آهي، ۽ ان ۾ رهي ڪري حلف جي پاسداري ڪري سگهڻ ناممڪن ٿي چڪو آهي. جسٽس منصور علي شاهه 13 صفحن تي مشتمل استعفيٰ صدرِ مملڪت کي موڪلي آهي، جنهن ۾ هن واضح ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ کان استعفيٰ ڏيندي هو 27 هين آئيني ترميم کي پاڪستان جي آئين تي سنگين حملو قرار ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته 27 هين ترميم سپريم ڪورٽ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو آهي ۽ عدليه کي حڪومت جي ماتحت ڪيو آهي. ان کان سواءِ جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو آهي ته اڄڪلهه انصاف عام ماڻهو کان دور ٿي چڪو آهي ۽ طاقتور طبقن جي آڏو ڪمزور ٿي چڪو آهي. هن چيو ته کيس ٻن رستن مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي هئي اداري جي تباهي کي برداشت ڪرڻ يا استعفيٰ ڏيڻ.جسٽس اطهر من الله پڻ استعفيٰ ڏني آهي ۽ هن به استعيفي نامو صدرِ کي موڪليو آهي. هن استعيفيٰ ۾ لکيو آهي ته سندس حلف آئيني وفاداري جو عهد هو ۽ 27 هين ترميم کان اڳ، هن پاڪستان جي آئين جي تحفظ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکيو هو، جنهن ۾ ترميم بابت سنگين خدشا ظاهر ڪيا هئا. ان کان سواءِ سپريم ڪورٽ جي ٻنهي ججز جو موقف آهي ته موجوده ترميم آئيني روح کي نقصان پهچائي رهي آهي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ نئون عدالتي نظام آئيني اصولن سان ٽڪراءُ ۾ آهي.جسٽس اطهر من الله پڻ استعفيٰ ڏني آهي ۽ هن به استعيفي نامو صدرِ کي موڪليو آهي. هن استعيفيٰ ۾ لکيو آهي ته سندس حلف آئيني وفاداري جو عهد هو ۽ 27 هين ترميم کان اڳ، هن پاڪستان جي آئين جي تحفظ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکيو هو، جنهن ۾ ترميم بابت سنگين خدشا ظاهر ڪيا هئا. ان کان سواءِ سپريم ڪورٽ جي ٻنهي ججز جو موقف آهي ته موجوده ترميم آئيني روح کي نقصان پهچائي رهي آهي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ نئون عدالتي نظام آئيني اصولن سان ٽڪراءُ ۾ آهي. آخر ۾، 10 نومبر تي، جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي خط ۾ چونڊيو هو ته جيڪڏهن عدليه ايڪتا نه رکي ٿي، ته ان جي آزادي ۽ فيصلن تي اثر پوندو. جسٽس اطهر من الله پڻ استعفيٰ ڏني آهي ۽ هن به استعيفي نامو صدرِ کي موڪليو آهي. هن استعيفيٰ ۾ لکيو آهي ته سندس حلف آئيني وفاداري جو عهد هو ۽ 27 هين ترميم کان اڳ، هن پاڪستان جي آئين جي تحفظ لاءِ چيف جسٽس کي خط لکيو هو، جنهن ۾ ترميم بابت سنگين خدشا ظاهر ڪيا هئا. ان کان سواءِ سپريم ڪورٽ جي ٻنهي ججز جو موقف آهي ته موجوده ترميم آئيني روح کي نقصان پهچائي رهي آهي ۽ ان مان پيدا ٿيندڙ نئون عدالتي نظام آئيني اصولن سان ٽڪراءُ ۾ آهي.