اسلام آباد (رئوف ڪلاسرا)قومي اسيمبليءَ جي اجلاس دوران اصل ميلو پيپلز پارٽي جي ايم اين اي نفيسه شاهه لٽي ورتو، هن چيو ته ماضيءَ ۾ جج صاحبان “نظريه ضرورت” جي آڙ ۾ جرنيلن جي دٻاءَ هيٺ فيصلا ڪندي آمريت کي جواز مهيا ڪندا رهيا، پر اڄ اسان بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ “زميني حقيقتن” کي ڏسندي فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير جي لاءِ آئين جي آرٽيڪل 243 ۾ نون اختيارن واري ترميم جي حمايت ڪئي آهي،جج به جنرلن جي دٻاءُ ۾ ”زميني حقيقتن“ کي نظريه ضرورت جو نالو ڏئي اهو ڪندا رهيا آهن،هونئن به ڪو دوست يا خود نفيسا شاهه سياستدانن جي ”زميني حقيقتن“۽ ججن جي ”نظريه ضرورت“ ۾ فرق سمجهائيندي؟