اسلام آباد (عاصما شيرازي) آئيني ترميمن ذريعي نظام جي بنيادي ڍانچي کي تبديل ڪيو ويندو. ٻڌندا هئاسين ته سسٽم جو پيءُ اهو آهي جيڪو اڊيالا ۾ ويٺو آهي جيڪو هاڻي اسان کي نظر اچڻ شروع ٿي ويو آهي. هن نظام جي تبديلي ۾ پي ٽي آءِ جو جيڪو ڪردار هو اهو هنن ادا نه ڪيو. ڪالهه چيف جسٽس لاءِ ترميم آئي ته موجوده چيف جسٽس يحييٰ آفريدي کي هاڻي سندس عهدي تائين کيس چيف جسٽس آف پاڪستان لکيو ويندو، اهو کيس انعام ڏنو ويو آهي. ٻئي پاسي صدر جي ڇوٽ آهي، جيڪا کيس سمورن ڪيسن کان تحفظ ڏئي ٿي، هو ڪارروائي کان آجو هوندو. ان ۾ صدر جا ماضي جا ڪيس به هوندا جن کان کيس ڇوٽ هوندي. پر ڇا اها رعايت رڳو آصف علي زرداري تائين آهي؟ اوهان ان کي ماضي ۽ مستقبل کي سامهون رکندي به ڏسو. اڳوڻي صدر عارف علوي ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته هو عمران خان کي معافي ڏئي سگهي پيو پر عمران خان انڪار ڪيو هو. عمران خان جيڪڏهن معافي وٺي ها ته ڏوهه جي اعتراف برابر هجي ها. عارف علوي اهو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته عمران خان مهاتما آهي جنهن معافي نه ورتي. هن ملڪ ۾ ماڻهن کي خبر ناهي، تنهن جي ڪري انهن کي بيوقوف بڻائڻ سولو آهي. عارف علوي کي به ڇوٽ ملي چڪي آهي پر آرٽيڪل 6 مٿس لاڳو ٿي سگهي ٿو. ڇو ته آئين ٽوڙڻ جو معاملو آهي. هاڻي مستقبل جا جيڪي به صدر هوندا ڇا خبر انهن کي به ڇوٽ ملي. فيلڊ مارشل کي به ڇوٽ ملي آهي، سڀاڻي جيڪڏهن سسٽم تبديل به ٿيو ته سندس لاءِ رعايت موجود هوندي. سسٽم لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ پاڻ کي مضبوط ڪري رهيو آهي. اسان کي جيڪي شيون ناممڪن لڳنديون هيون اهي ٿي ويون آهن. پهريان عمران خان کي آڻڻ ۽ سهولتڪاري لاءِ 15 کان 20 سالن لاءِ سسٽم ٺاهيو ويو هو، پر هاڻي ساڳيو سسٽم انهن جي هٿن ۾ ناهي رهيو ۽ اهو نظام نئين سيٽ اپ جي هٿن ۾ اچي ويو آهي. هاڻي ڏسجي ته سسٽم جو پيءُ ڪير آهي؟ لڳي ٿو ته هي اهي آئيڊيا آهن جيڪي پي ٽي آءِ ڏيندي رهي، ٻئي پاسي اهو آهي ته جيڪو شخص ايندو يعنيٰ عمران خان، ان جي واتان نڪتل هر لفظ آئين هوندو. ان مان سسٽم جي اندروني ويڙهه، ٻن قوتن ۾ اختيارن جو جهيڙو نظر اچي ٿو. ٻئي پاسي به آمريت عروج تي آهي، نظام تڏهن تبديل ٿيو جڏهن 6 مئي تي مقبول اڳواڻ عمران خان ڳالهيون ڪيون ۽ هن اسيمبليون ٽوڙڻ جو چيو. 6 مئي تي ڳالهيون ڪامياب ٿين ها، چونڊون ٿين ها ته ٿي سگهي ٿو ته عمران خان کٽي اچي ها. عمران خان اهو چيو ته هو سسٽم جو حصو نٿو بڻجڻ چاهي پر پيءُ بڻجڻ چاهي ٿو. پوءِ 9مئي ٿيو، ان جو نقصان سڀ کان وڌيڪ پي ٽي آءِ کي ٿيو. جيڪڏهن 9 مئي ڪامياب ٿئي ها ته اڄ عمران خان پنهنجي آرمي چيف سان هجي ها، پنهنجي چيف جسٽس سان هجي ها. وزيراعظم هجي ها، ترميمون ڪري ها ۽ پاڻ بادشاهه سلامت هجي ها. پي ٽي آءِ وارا چون ٿا ته سندن ڊپ سبب اهي ترميمون آيون، پر اهو ڊپ ٻئي ڪنهن جي ڪاميابي بڻجي ويو آهي. عمران خان چيو ته مان ايندس ته سڀني ججن جرنيلن کي ڏسي وٺندس. سسٽم کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته عمران خان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سسٽم جو پيءُ تبديل ڪرڻو پوندو ۽ تبديل ڪيو ويو. آئيني حوالي سان پي ٽي آءِ عمران خان کي سسٽم جو پيءُ چوندي هئي، چوندا هئا ته هو جيل مان ڪم ڪري رهيو آهي، اها وڏي غلط فهمي هوندي جيڪا تازين ترميمن کانپوءِ نظر اچي ٿي. سسٽم جو پيءُ عمران خان هيو پر بڻجي نه سگهيو. سسٽم هاڻي ڪنهن ٻئي جي هٿن ۾ هليو ويو آهي. هن وقت ڪي پي ۾ عمران خان جي پارٽي اقتدار ۾ آهي، امن جرڳو ٿيو، فيصلا اهي ئي هئا جيڪي علي امين گنڊاپور به چوندو هو، جرڳي ڪا عمل جوڳي ڪا حڪمت عملي ناهي ڏني. سهيل آفريدي وفاق سان نه هليو ته امن جي خواهش، قبائلين سان وفاق جون سڌي ريت ڳالهيون، عمران خان لاءِ فائديمند نه نقصان لاءِ هونديون. عام راءِ دهشتگردن خلاف آهي. سهيل آفريدي هاڻوڪي سسٽم سان نه هليو ته اهو ئي سسٽم ڪي پي ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿو. عمران خان بچيل حڪومت به وڃي سگهي ٿي. پي ٽي آءِ وٽ ڪا سياسي حڪمت عملي نه هئي، 2 ترميمون پاس ٿيون، پي ٽي آءِ احتجاج ڪيو پر تجويزون پيش نه ڪيون، تجويزون پيش ڪيون وڃن ها، سسٽم ٻڌي ها، اوهان حصوبڻجو ها، جيڪو جلدي ٿيو اهو ديرسان ٿئي ها ۽ حڪومت لاءِ به ڏکيائي ٿئي ها. پر اوهان احتجاج ڪيو، ان جي ڪري ترميمون سولائي سان پاس ٿيون. ان جي ڪري سسٽم به تبديل ٿيو ۽ سسٽم جو پيءُ به.