اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري 27 هين آئيني ترميم جي بل تي صحيح ڪري ڇڏي آهي. 27 هين آئيني ترميم جو بل ٻنهي ايوانن کان منظور ٿيڻ کان پوءِ صدر صحيح ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ هي بل هاڻي آئين جو حصو بڻجي ويو آهي.سينٽ آف پاڪستان 27 هين آئيني ترميم جو گزٽ نوٽيفيڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.