اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي 27 هين آئين ترميم کانپوءِ آرمي ايڪٽ 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ آرمي ايڪٽ 1952 ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو، بل بچاءُ واري وزير خواجا آصف پيش ڪيو. آرمي ايڪٽ مطابق، آرمي چيف جو نئون نوٽيفڪيشن چيف آف ڊفينس فورسز طور جاري ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ آرمي چيف جو مدو ٻيهر شروع ٿي ويندو . آرمي ايڪٽ ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف، چيف آف ڊيفنس اسٽاف طوت، پاڪ فوج جي سڀني شعبن جي ٻيهر جوڙجڪ ۽ انضمام ڪندو. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي عهدي جي جاءِ تي ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ (سي اين ايس سي) جي عهدي جي جوڙجڪ پڻ شامل آهي. ترميم موجب، وزيراعظم، آرمي چيف جي سفارش تي، هڪ فوجي جنرل کي ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ مقرر ڪندو، جنهن جي مقرري جي مدت ٽي سال هوندي. ان کي 3 سالن لاءِ ٻيهر مقرر ڪري سگهبو. آرمي ايڪٽ ۾ چيو ويو آهي ته 27 نومبر کان چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ختم ٿي ويندو. وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو ته آرمي چيف هاڻي چيف آف ڊفينس فورسز به هوندو ۽ عهدي جو مدو 5 سال هوندو. وزيراعظم چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري ڪندو. هن جي مقرري جو مدو ان ڏينهن کان شروع ٿيندو جڏهن کيس مقرر ڪيو ويندو. اعظم نذير چيو ته قانون ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته چيف آف ڊيفنس جو عهدو تقرري کانپوءِ 5 سال جي مدت جو هوندو. قانون واري وزير چيو ته چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو ختم ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ 1953 ۽ پاڪستان نيوي آرڊيننس 1961 ۾ ترميم جو بل پڻ خواجا آصف پاران ايوان ۾ پيش ڪيو ويو ۽ اسيمبلي ميمبرن پاران اڪثريت ووٽ سان منظور ڪيو ويو. ومي اسمبلي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل به اڪثريت راءِ سان منظور ٿي ويو، ۽ هي بل وزير قانون اعظم نذير تارڙ طرفان پيش ڪيو ويو، جنهن تحت ڪيس ٻڌڻ جو اختيار چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽي رڪني ڪميٽي حوالي ٿي ويو. واضح رهي ته ان کان اڳ وفاقي ڪابينا ٽنهي سروسز ايڪٽس ۾ ترميمن جي منظوري ڏئي چڪي هئي. پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڪستان آرمي ايڪٽ، پاڪستان ايئر فورس ايڪٽ ۽ پاڪستان نيوي ايڪٽ ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي. اعلاميي ۾ چيو ويو ته ترميمن جو مقصد فوجن پاڪستان سان لاڳاپيل قانونن کي 27 وئين آئين ترميم سان هم آهنگ ڪرڻ آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته انهن قانونن ۾ فيلڊ مارشل، مارشل آف دي ايئر فورس ۽ ايڊمرل آف دي فليٽ جا عهدا به شامل ڪيا ويا آهن.آرمي ايڪٽ ۾ ترميم موجب، پاڪستان آرمي ۾ هڪ نئون عهدو متعارف ڪرائڻ جي تجويز آهي، جيڪو ماضي ۾ به موجود هو. ترميم موجب، وفاقي حڪومت، آرمي چيف ۽ ڊفينس فورسز جي سربراهه جي سفارش تي، هڪ آفيسر کي، وائيس يا ڊپٽي چيف آف اسٽاف مقرر ڪندي، ان کي اهي اختيار ڏئي سگهي ٿي جيڪي آرمي چيف کي ڏنا ويندا آهن.