ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي قائم مقام چيف آپريٽنگ آفيسر جي مقرري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آهي. عدالت سنڌ حڪومت سميت ٻين ادارن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر واصف شهزاد، قائم مقام چيف آپريٽنگ آفيسر مقرر آهي، اهو هڪ ڪنٽريڪٽ ملازم آهي ۽ ان عهدي تي پروموشن ذريعي مقرري ٿيڻ گهرجي. عدالت ۾ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي.