پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ ملڪ اندر عالمي ڪرڪيٽ جي خاتمي جو ٽريل خطرو

پاڪستان جي تاريخ ۾ دهشتگردي هڪ سنگين ۽ ڊگهو مسئلو رهيو آهي، پر هاڻوڪي دهشتگردي جي نئين لهر ملڪ جي امن ۽ امان کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. خاص طور تي ڏکڻ وزيرستان جي وانا علائقي ۾ ٿيل دهشتگردي ۽ اسلام آباد جي عدالت ۾ خودڪش بم ڌماڪو هڪ سوال پيدا ڪري ٿو ته ڇا پاڪستان هن چيلنج کان نجات حاصل ڪري سگهي ٿو يا دهشتگردي جي اها لهر ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ کي پڻ وري متاثر ڪندي. هن ايڊيٽوريل ۾ اسين دهشتگردي جي تازن واقعن انهن جي اثرن ۽ انهن جي ڪارڻن جو تفصيلي جائزو وٺنداسين، ۽ گڏوگڏ اهو به ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيڪڏهن اهو مسئلو حل نه ٿيو، ته پوءِ ڇا ٿيندو!

ڏسجي ته ڏکڻ وزيرستان جو علائقو وانا، دهشتگردن لاءِ هميشه هڪ مضبوط پناهه گاهه رهيو آهي، ۽ اتي دهشتگردن جون ڪارروايون وڌي ويون آهن. وانا ۾ ٿيل دهشتگردي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ سيڪيورٽي اهلڪار پڻ شامل هئا. هن حملن جي ذميواري مختلف شدت پسند گروپن، جن ۾ ٽي ٽي پي (تحريڪ طالبان پاڪستان) جو نالو سر فهرست آهي.

ٻئي طرف، اسلام آباد جي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ٿيل خودڪش بم ڌماڪو پڻ هڪ اهڙو واقعو آهي جنهن هڪ ڀيرو وري ملڪ کي ڇڪڻ ۾ وجھي ڇڏيو. هن ڌماڪي ججن، وڪيلن ۽ ٻين ماڻهن جون حياتيون کسيون ۽ ان حملي جي نوعيت اهو ڏيکاري ٿي ته دهشتگرد هاڻي صرف سرحدن تائين محدود ناهي رهيا، پر هو شهرن اندر، عدالتن ۽ ٻين حساس ادارن کي به نشانو بڻائي رهيا آهن.

دهشتگردي جي وڌندڙ لهر پاڪستان ۾ کيڏي ويندڙ عالمي ڪرڪيٽ تي پڻ اثرانداز ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن دهشتگردي جو مسئلو حل نه ٿيو، ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جهڙي اهم راند تي ان جا سنگين اثرات پئجي سگهن ٿا. پويان سالن ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لهر ڪيترن ئي بين الاقوامي ٽيمز کي پاڪستان اچڻ کان روڪيو آهي، جنهن سبب پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جون سرگرميون به محدود ٿي ويون آهن. جيڪڏهن دهشتگردي جي اها لهر ڪنٽرول نه ڪئي وئي، ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جهڙن راندين تي وڌيڪ اثر پئجي سگهن ٿا. بين الاقوامي ڪرڪيٽ کي پاڪستان ۾ منعقد ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي جي ضمانت ڏني وڃي ٿي، ۽ جيڪڏهن ملڪ ۾ دهشتگردي جو ماحول برقرار رهيو ته ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪستان جو دورو ڪرڻ کان پرهيز ڪنديون. نتيجي طور، پاڪستان جا ڪرڪيٽ شائقين وري عالمي ڪرڪيٽ کي پنهنجي ملڪ اندر ڏسڻ کان محروم رهندا.

پاڪستان ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ لهر پويان ڪيترائي سبب موجود آهن. سڀ کان اهم سبب دهشتگرد گروپن جي سرگرم موجودگي ۽ انهن جا مضبوط ٺڪاڻا آهن جيڪي ملڪ جي مختلف حصن ۾ پکڙيل آهن. انهن گروپن وٽ جديد هٿيار، مالي وسيلا ۽ تربيت يافته ڪارڪن موجود آهن، جيڪي نه صرف دهشتگرد حملو ڪن ٿا، پر عوام ۾ خوف ۽ هراس پڻ پيدا ڪن ٿا. دهشتگردي کي روڪڻ ۾ حڪومت جي ناڪامي جا ڪجهه سبب هي ٿي سگهن ٿا.

سيڪيورٽي ادارن جي ڪمزوري ۽ وسيلن جي گهٽتائي پاڪستان جا سيڪيورٽي ادارا دهشتگردن خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي باوجود ڪجهه علائقن ۾ پنهنجو اثر مڪمل طور تي لاڳو نٿا ڪري سگهن. اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جهڙن علائقن ۾ دهشتگرد گروهن جا ڳجها پناهه گاهه ۽ سپورٽ نيٽ ورڪس اڃا تائين سرگرم آهن. انهن علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي دهشتگردن خلاف ڪارروائين ۾ رڪاوٽون آڏو آيون.

نيشنل ايڪشن پلان تحت دهشتگردي خلاف هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وئي هئي، پر ان تي عملدرآمد ۾ گهٽتائي ٿي آهي. دهشتگردن خلاف سخت ڪارروائين ۽ انهن جي مالي وسيلن کي ڪٽڻ ۾ ڪاميابي حاصل نٿي ٿي. ان کان علاوه، مذهبي شدت پسندي خلاف اثرائتا قدم به ناڪامي رهيا آهن. دهشتگرد گروپن جي فنڊنگ جو مسئلو پڻ پاڪستان لاءِ هڪ وڏو چيلنج رهيو آهي. ڪجهه دهشتگرد گروهه پنهنجن آپريشنن کي ٻاهرين ملڪن کان فنڊنگ حاصل ڪن ٿا، ۽ انهن جي تربيت پڻ اتي جي شدت پسند تنظيمون ڪندا آهن. ان کان نتيجي طور، دهشتگردي جا واقعا وڌندا آهن. پاڪستان ۾ فرقيوار ۽ لساني بنيادن تي ٿيندڙ تنازعات پڻ دهشتگردي جي صورتحال کي پيچيده بڻائي رهيا آهن. شدت پسند گروهه انهن اختلافن جو فائدو وٺي پنهنجا مقصد پورا ڪن ٿا. اهي گروهه نه صرف قومي سلامتي لاءِ خطرناڪ آهن، پر سماجي هم آهنگي لاءِ پڻ نقصانڪار آهن.

سو هاڻي پاڪستان کي مستقل طور تي دهشتگردي جو خاتمو آڻڻو پوندو ۽ هڪ اهڙي پاليسي اختيار ڪرڻي پوندي، جيئن پاڙيسري ملڪن سان ڇڪتاڻ ختم ٿئي ۽ گڏوگڏ سيڪيورٽي جي نظام کي هر قيمت تي مضبوط بڻائڻو پوندو. اسان سريلنڪا جي ٽيم طرفان دوري کي اڌ ۾ ڇڏڻ واري فيملي کي پاڪستان لاءِ هڪ چتاءُ سمجهون ٿا ۽ حڪومت کي چئلينج پڻ. بهرحال سٺو ٿيو ته گهرو وزير ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي فوري طور ممتحرڪ ٿي سريلنڪا جي ٽيم کي فيصلو واپس وٺڻ تي قائل ڪيو ۽ ائين پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي خاتمي واري خطري کي ٽاري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.