اسان لاڙڪاڻي ۾ ويٺي ئي چئن ملڪن جهڙوڪ ڪمبوڊيا، ويٽنام، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جون ويزائون آنِلائين سهولت ذريعي گهرائي ورتيون هيوسين، جنهن لاءِ جنيد ڏهر ۽ جمشيد ڏهر جي مهارت ۽ ڪوششن کي داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. پر سفر ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪهڙي ملڪ کان شروع ڪجي ان لاءِ ٿوري انتظار ۽ دوستن سان مشوري جي ضرورت هئي ڇاڪاڻ ته اسان جي سنگت جي ٻن دوستن بلوچ صحبت علي ۽ پرتاب شيواني وٽ ويٽنام واري وزٽ ويزا ڪو نه پهتي هئي جيڪا اڃا ويٽنام جي ڪراچي واري سفارتخاني ۾ جاري ٿيڻ واري مرحلي ۽ ڪاروائي هيٺ هئي، باقي ٽن ملڪن جون سندن ويزائون اسان جي ويزائن وانگر وٽن به پهچي چڪيون هيون. بحرحال، ڪجهه ڏينهن انتظارڪرڻ کان پوءِ به سندن ويٽنام جون ويزائون ڪونه پهتيون ته گڏيل صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو اهو ٿيو ته جن دوستن وٽ چئني ملڪن جون ويزائون پهچي چڪيون آهن اهي پنهنجي سفر تي اُسهن ۽ باقي رهيل ٻڻ ڄڻن جون جيئن ئي ويٽنام واريون ويزائون وٽن پهچنديون ته اهي به جهاز تي چڙهي اچي اسان وٽ ان ملڪ ۾ پهچندا جتي اسان جو پڙاءُ هوندو ۽ پوءِ باقي ملڪ خاص طور تي ويٽنام گڏجي گهمبو ۽ مزو ڪبو.
اصل ۾اهو فيصلو جنيد جي انڊونيشيا واري ويزا جي پيشِ نظر ٿيو هو ڇاڪاڻ ته ان جو مدو چند ڏينهن کان پوءِ يعني ارڙهين مئي تي ختم پئي ٿيو، هُن جي اها ويزا اسان جي ويزا کان ڪجهه مهينا اڳ جاري ٿيل هئي. هونئن ته سڀني گڏجي سفر ڪرڻ پئي چاهيو ڇاڪاڻ ته اسان سڀئي ان عقيدي جا آهيون ته هم خيال ۽ هم حال دوستن جي ساٿ سان ئي سفر ۽ سياحت ۾ مزو هوندو آهي. بحرحال دوستن جي فيصلي جي مدِنظر مان ۽ جنيد جن جون سڀئي ويزائون اچي چڪيون هيون، سفر جي تياري ۾ لڳي وياسين. اسان جي ٻئي ساٿي مظفر کوکر کي به ويٽنام سميت ٻيون ويزائون به ملي چڪيون هيون پر هو ڪجهه مصروفيتن جي ڪري اسان سان گڏ نه پئي نڪري سگهيو جنهن پڻ ڪجهه ڏينهن پوءِ اچي ساٿ ۾ شامل ٿيڻ جو وعدو ڪيو. باقي مان ۽ جنيد سفر لاءِ تيار هياسين.
چوڏهين مئي تي رات جو نائين بجي جنيد پنهنجي جَي جَي ٽريولرز واري آفيس ۾ ويٺي همٿ ڪري جهاز جون ٽڪيٽون آئن لائين خريد ڪري ورتيون ۽ مون کي اطلاع ڪيو ته سڀاڻي صبح جو ملئيشيا لاءِ اسان جي فلائيٽ آهي تنهنڪري اڄ رات ئي ٻارهين وڳي لاڙڪاڻي مان نڪرڻو آهي. باقي سندس ننڍو ڀاءُ جمشيد لاڙڪاڻي ۾ ويٺي ئي ملئيشيا ۾ اسان جي رهائش لاءِ آنِلائين ذريعي هوٽل جو ڪمرو بوڪ ڪرائي وٺندو. هن وڌيڪ تفصيل ڏيندي چيو ته ٽڪيٽون قطر ائيرلائين جون آهن جنهنڪري جهاز پهرين قطر هلندو ۽ اتان پوءِ ٻي فلائيٽ اسان کي ملئيشيا کڻي هلندي. بحرحال اهو اطلاع ملڻ سان ئي مون تڪڙي تڪڙي تياري ڪري ورتي ۽ طئي ٿيل وقت تي ٽيڪسي ڪار ۾ چڙهي سڄي رات سفر ڪري پندرهين مئي تي صبح جو سوير اچي ڪراچي ايئرپورٽ تي پهتاسين جتان ان صبح جو ئي ڏهين وڳي جهاز ۾ چڙهڻو هيو. منهنجو هڪ ننڍو ڀاءُ صفدر علي جيڪو ڪراچيءَ ۾ رهندو آهي سو اسان لاءِ پنهنجي گهران ناشتو ٺهرائي کڻي اچي ايئرپورٽ تي پهتو پر جهاز جي اڏڻ جو وقت ويجهو هو ۽ اسان کي سامان جي چيڪنگ ڪرائڻ، بورڊنگ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ اميگريشن جي مرحلي مان گذرڻ لاءِ به ڪجهه وقت گهربل هيو تنهنڪري اتي بيٺي بيٺي ئي هڪ ٻه گرهه کائي چانهن جو اڌ ڪوپ تڪڙو تڪڙو پي کائنس موڪلائي اڳتي وڌياسين ۽ مٿي ڄاڻايل مرحلن مان گذرندا اچي جهاز ۾ چڙهياسين. هن جهاز جي پهرين منزل قطر جي گادي وارو شهر دوحا هئي. ٻن ڪلاڪن جي اڏام کان پوءِ جهاز حماد انٽرنيشنل ائيرپورٽ دوحا ۾ اچي بريڪ هئين.
قطر جي اوچتو ويزا ملڻ جوقصو
جهاز ڪراچي مان اڏي قطر واري ائيرپورٽ تي ته ٻن ڪلاڪن ۾ پهتو پر هتان کان ملائيشيا جي لاءِ اسان جي ٻي فلائيٽ سورنهن ڪلاڪن کان پوءِ هئي جنهن لاءِ بورڊنگ ڪارڊ اسان کي ڪراچي ايئرپورٽ تان اڳواٽ ئي ملي چڪو هو. اسان هتي قطري وقت مطابق صبح جو ڏهين وڳي پهچي چڪا هياسين. قطر ۾ وقت پاڪستان کان ٻه ڪلاڪ پوئتي آهي، تنهنڪري پاڪستان جي ٽائيم مطابق ڪراچي مان صبح جو ڏهين وڳي هوائي سفر شروع ڪري ٻن ڪلاڪن کان پوءِ قطر ۾ پهتاسين ته ان وقت هتي به صبح جا ڏهه ٿيا هيا. هاڻي هتان اسان جي فلائيٽ رات جو ٻي وڳين ٿيڻي هئي. انتظار جا اهي سورنهن ڪلاڪ ائيرپورٽ ۾ ويهي ڪئين گذارجن، اهو مسئلو هيو. ان جي حل لاءِ جنيد هڪ تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته دوحا ۾ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سجاد بروهي نالي سندس هڪ دوست رهي ٿو. جيڪڏهن ائيرپورٽ تان اسان کي سورنهن ڪلاڪن جي ٽرانزٽ ويزا ملي وڃي تي اسان ان وٽ هلي هي پورو ڏينهن دوحا ۾ گذاري گهمي ڦري رات جو واپس ائيرپورٽ تي اچي فلائيٽ پڪڙي سگهون ٿا. ڳالهه ته ڏاڍي سٺي هئي تنهنڪري مون راضپو ڏيکاريو ۽ ويزا وٺڻ جو فيصلو ڪيوسين. جنيد فون ڪري دوحا ۾ مقيم پنهنجي دوست سجاد بروهي سان دعا سلام ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته اسان دوحا ائيرپورٽ تي پهتا آهيون ۽ هتي ملئيشيا جي فلائيٽ لاءِ سورنهن ڪلاڪ ترسڻو آهي. جنهن تي سجاد کيس زور ڀريو ته ائيرپورٽ تان ٽرانزٽ ويزا وٺي ٻاهر نڪرون ته جيئن ساڻس ملاقات ۽ ڪچهري به ٿئي ۽ اسان دوحا جو درشن به ڪري وٺون. سجاد جي اهڙي محبت ڀري موٽ کان پوءِ اسان ايئرپورٽ تي ٽرانزٽ ويزا وارو ڪائونٽر ڳولهيندا ۽ پڇائيندا اچي اتي پهتاسين. هن ڪائونٽر تي ٽرانزٽ ويزا لاءِ ٻيا به ڪافي مسافر قطار ۾ بيـٺا هيا. جڏهن اسان جو وارو آيو ته جنيد منهنجو ۽ پنهنجو پاسپورٽ ۽ اڳتي سفر واري ٽڪيٽ ۽ بورڊنگ ڪارڊ ڪائونٽر تي ويٺل آفيسرکي ڏيکاري کيس هڪ ڏينهن جي ويزا لاءِ چيو. آفيسر مقامي خاتون هئي تنهن آنلائين ويزا ايپليڪشن فارم ڀرڻ لاءِ چيو جيڪو جلدي ڀري کيس ڏنوسين. هن اسان کان هر هڪ ويزا جي فيس پاڪستاني چوڏهن هزار روپين جي برابر ڊالر وٺي اسان جي پاسپورٽ تي ٻن ڏينهن جي ٽرانزٽ ويزا جو اسٽيڪر لڳايو ۽ ان سان گڏ هڪ پنو به ڪمپيوٽر مان پرنٽ ڪري ڏنو جنهن ۾ اطلاع ڏنو ويو ته اسان جي رهائش لاءِ دوحا جي هوٽل ۾ ٻن ڏينهن لاءِ هڪ ڪمرو به بوڪ ڪيو ويو آهي. يعني ڪل اٺاويهن هزارن ۾ اسان ٻنهي کي ويزا به ملي وئي ته هوٽل ۾ ٻن ڏينهن جي رهائش جو بندوبست به ٿي ويو. ان ليٽر ۾ هوٽل جي ائڊريس ۽ اتي پهچڻ لاءِ رستي جو نقشو به پرنٽ ٿيل هيو. اسان ڏاڍو خوش ٿياسين ڇاڪاڻ ته هڪ ئي ٽڪيٽ ۾ ملئشيا سان گڏ قطر گهمڻ جو به موقعو ملي ويو. ويزا هٿ ۾ ڪري جنيد هڪدم فون تي پنهنجي دوست سجاد بروهي کي اطلاع ڏنو جنهن خوشي سان ڀليڪار ڪندي کيس چيو ته هو اڌ ڪلاڪ اندر ئي اسان کي وٺي وڃڻ لاءِ ائيرپورٽ تي پهچي ويندو ڇاڪاڻ ته سندس رهائش ائيرپورٽ جي ڀرسان آهي. هن اسان کي ائيرپورٽ واري بلڊنگ مان ٻاهر نڪري گيٽ وٽ بيهڻ لاءِ چيو. اسان ٻاهر نڪري بيٺاسين ۽ ڀرسان واري روڊ تان گذرندڙ گاڏين کي نهارڻ لڳاسين. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ جنيد جي فون جي گهنٽي وڳي، ٻئي طرفان کان ساڻس سجاد ڳالهائي رهيو هيو جنهن کيس چيو ته ”مان پهچي ويو آهيان ۽ گيٽ جي ساڄي پاسي کان سامهون واري روڊ تي اڇي رنگ جي ڪار جهليو بيٺو آهيان، اوهان چند قدم اڳتي وڌي اچو“. اسان روڊ تي بيٺل گاڏين تي نظر ڊوڙائيندا ٿور اڳتي وڌياسين ته جنيد سجاد کي ڏسي ورتو جيڪو ڪار کي اسٽارٽ ڪيو ان جي ڊرائيونگ سيٽ تان هٿ لوڏي اسان کي سڏي رهيو هيو. اسان جلدي جلدي وڃي سندس ڪار ۾ سوار ٿياسين، هن اسان کي خوش دلي سان کيڪاريو ۽ پوءِ ڪار کي مين روڊ تي آڻي ان کي دوحا شهر طرف ڊوڙائڻ شروع ڪيو.
قطر جي گادي واري شهر دوحا جو درشن
ائيرپورٽ کان دوحا شهر تائين اٽڪل تيرنهن ڪلوميٽرن جو مفاصلو آهي. شهر ڏانهن ويندي روڊ جي ٻنهي طرفن وارو نظارو پرڪشش هيو. روڊ جي ڀرسان ته وڻن جي قطار هئي پر ان کان اڳتي هڪ ڊگهي صحرا جو سلسلو هيو. گاڏي ۾ويٺي اسان ٻاهرين نظاري تي به نظر پئي رکيسين ته سجاد سان حال احول به پئي ڪيوسين. هُن ٻڌايو ته هو قطر جي آرمي ۾ سولجر آهي ۽ هتي ڪافي سالن کان پنهنجي ڪٽنب سان گڏ رهائش پذير آهي. سندس قبيلي جا ٻيا به ڪيترائي فرد هتي وڏي عرصي کان مقيم آهن. هو چوٽيهن يا پنجٽيهن سالن جو نوجوان هيو جيڪو پنهنجي انداز ۽ رويي مان ڏاڍو سلڇڻو، خوش مزاج ۽ مهماننواز پئي لڳو. جنيد ساڻس بي تڪلف انداز سان ڪچهري پئي ڪئي ۽ پنهنجن گڏيل دوستن جا حال احوال به پئي ڏنا ۽ ورتا. ڪار جي اٽڪل ويهن منٽن واري ڊوڙ کان پوءِ هُن مين روڊ جي ڀرسان ئي واقع هڪ خوبصورت رهائشي ڪالوني ۾ اچي گاڏي پارڪ ڪئي ۽ ٻڌايو ته سندس گهر هِن ڪالوني ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اوهان وٽ صرف اڄوڪي ڏينهن جا چند ڪلاڪ آهن تنهنڪري اهو وقت گهر ۾ ترسڻ کان بهتر آهي ته اوهان کي جلدي جلدي ۾ دوحا شهر جون خاص تفريحي ۽ تاريخي جڳهون گهمايان. اسان جي به اها ئي خواهش هئي تنهنڪري کيس شهر هلڻ لاءِ چيوسين. هن چيو ”ٺيڪ آهي ائين ئي ٿا ڪريون پر اوهان چند منٽ هتي گاڏي ۾ ئي ويهو ته مان جلدي گهران ٿي اچان ٿو“. هو گاڏيءَ جي انجڻ ۽ ائيرڪنڊيشن کي هليل ئي رکي گهر هليو ويو ۽ جلديءَ ۾ تازو توانو ٿي ڪپڙا تبديل ڪري آيو. گاڏي ۾ ويهندي ئي هن ٻڌايو ته اڄڪلهه سندس ڊيوٽي قطر ۽ سعودي عرب واري بارڊر تي لڳل آهي. هتان جي فوجي قانون مطابق ٻه ڏينهن لاڳيتو ڊيوٽي ڪرڻ کان پوءِ کيس ٻن ڏينهن جي ”ريسٽ“ يعني موڪل ڏني وڃي ٿي، جنهن ڪري هو واپس اچي اهي ٻه ڏينهن پنهنجي گهر گذاريندو آهي. سعودي عرب جو بارڊر دوحا شهر کان صرف نوي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي تنهنڪري ٻه اڍائي ڪلاڪ ڪار تي سفر ڪري گهر پهچڻ ۽ موڪل پوري ٿيڻ تي واپس ڊيوٽي تي وڃڻ سندس لاءِ مشڪل نه آهي. خوشنصيبي سان هو ڪالهه ئي ڊيوٽي جا ٻه ڏينهن بارڊر تي گذاري گهر واپس آيو هو ۽ اڄوڪو سندس موڪل جو پهريون ڏينهن هيو جو اسان به وٽس دوحا ۾ پهتا هياسين. (هلندڙ)
دوحا ۾ گهمڻ جو وڌيڪ احول لکڻ کان پهريان اهو ٻڌائيندو هلان ته قطر ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ چوراسي ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي. قطر مان روڊ ذريعي سعودي عرب وڃڻ لاءِ ”ابو سمره سالويٰ بارڊر ڪراسنگ پوسٽ“ وٽان سرحد کي پار ڪرڻو پوي ٿو. ابو سمره وارو علائقو ۽ بارڊر ڪراسنگ پوسٽ قطر واري پاسي آهي ۽ اها دوحا کان ڏکڻ ۾ اٽڪل 90 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي، جڏهن ته سعودي واري پاسي کان سالويٰ نالي هڪ ننڍو ڳوٺ ۽ ”سالويٰ“ بارڊر ڪراسنگ پوسٽ آهي جيڪا جده کان اتر ۾اٽڪل تيرنهن سئو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. سجاد ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳ سعودي ۽ قطر جي وچ ۾ فوجي جهڙپون ٿيون هيو جنهن ڪري هن بارڊر ڪراسنگ کي بند ڪيو ويو هيو پر حالتون ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ هاڻي اتان ماڻهن ۽ گاڏين جي اچ وڃ جاري آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هو پاڻ به ٻه ٽي مهينا اڳ پنهنجي فيملي سان گڏ پنهجي ڪار تي هن بارڊر وٽان ڪراس ڪري سعودي عرب ويو هو ۽ عمري ڪرڻ کان پوءِ سعودي عرب جا ڪجهه علائقا به گهمي ڦري واپس آيو هيو.
ڪار سان گڏ ڪچهري به هلندي پئي رهي ته دوحا جو درشن به ٿيو پئي. روڊ ڪشادا ۽ صاف سٿرا هيا. شهر جي جن روڊن تان اسان گذرياسين انهن جي پاسن ۾ ڪٿي کجي جا ننڍا وڻ ته ڪٿي مختلف ڪاروباري ۽ رهائشي خوبصورت عمارتن جون قطارون ۽ وري ڪٿي کليل علائقا نطر ٿي آيا. منجهند جو وقت هيو ۽ صحرا ۾ واقع هن عرب ملڪ ۾ گرمي ۽ سج جي تپش به ڏاڍي تيز هئي شايد ان ڪري روڊن تي گاڏين جي ٽريفڪ ۽ ماڻهن جي چرپر گهٽ پئي نظر آئي. بحرحال سجاد ڪار کي ڊوڙائيندو اسان کي دوحا اسپورٽس سٽي ۾ وٺي آيو. هن اسپورٽس سٽي کي ”ايسپائر زون“ به سڏيو وڃي ٿو جيڪا دوحا جي الريان واري علائقي ”بعيا“ ضلعي ۾آهي. سمنڊ جو ڪارنيش وارو علائقو به هن جي ڀرسان ئي آهي. (هلندڙ)
دوحا اسپورٽس سٽي ۽ وليجيو مال
دوحا اسپورٽس سٽي تمام ڪشادي ايراضي تي ڦهليل هئي. سجاد ٻڌايو ته 2022ع ۾ فيفا ورلڊ ڪپ جون رانديون هتي ٿيون هيون جنهنڪري حڪومت اسپورٽس سٽي کي خوب سڌاريو ۽ سنواريو هو. سڄي دنيا مان رانديگر ۽ راندين ڏسڻ جا شوقين قطر آيا هيا جن لاءِ اسپورٽس سٽي ۾ خاصا انتطام ڪيا ويا هيا. اسپورٽس سٽي ۾ ڪشادي ميدان سان گڏ ” ايسپائر پارڪ، راندين جي سکيا جو ادارو ” ايسپائر اڪيڊمي“، خليفه انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۽ ميٽرو ٽرين اسٽيشن سميت هڪ وڏو شاپنگ سينٽر ”وليجيو مال“ ۽ ان سان گڏو گڏ هڪ تمام اوچي عمارت به آهي جنهن جي نالو ”ايسپائر ٽاور“ آهي پر اها ” ٽارچ ٽاور“ يا صرف ”دِي ٽارچ“ جي نالي سان مشهور آهي. هن ٽاور جي بناوت، ڊول ۽ شڪل ٽارچ جهڙي آهي ۽ اوچائي ٽي سئو ميٽر آهي. هن ۾ ٽيهن کان وڌيڪ فلور آهن جن تي ڪاروباري آفيسون، رهائشي گهر، هوٽل ۽ ريسٽورينٽ واقع آهن. ٽارچ ٽاور پنهنجي اوچائي جي ڪري پري پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
اسان اسپورٽس سٽي ۾ پهچي ”وليجو مال“ جي پارڪنگ ۾ ڪار بيهاري هيٺ لهي ٽارچ ٽاور جي چوٽي ڏانهن نهارڻ جي ڪوشش ڪئيسين ته اسان کي پنهنجا ڪنڌ نوي ڊگري تي پوئتي ڪري اکيون ڄڻ آسمان ۾ کپائڻيون پيون، ڇاڪاڻ ته اهو تمام گهڻو اوتاهون هيو. ان وقت منجهند جو وقت هيو تنهنڪري ٽاور پنهنجي اصلي رنگ روپ ۾ نظر آيو پر رات جو ائيرپورٽ ڏانهن ويندي اسان هن جي ڀرسان واري روڊ تان گذريا هياسين ان وقت ته هن جا رنگَ روپَ ئي نرالا هيا. رات جي اونداهي ۾ ٽي سئو ميٽر اوچي ٽاور جو هر انچ رنگين روشنين سان دللڀائيندڙ نطارو پيش ڪري رهيو هيو. ٽاور جي چئني پاسن واريون شيشي جو ديوارون، انهن تي ٻرندڙ لائيٽن جي رنگي برنگي روشنين جو تاڃي پيٽو ڏاڍو خوبصورت هيو. ٽاور ۾ جڙيل اسڪرين تي ڪنهن وقت مختصر ۽ دلچسپ وڊيوز پئي هلن ته ڪيڏي مهل ان تي مختلف تصويرون، گاڏين ۽ شين جا اشتهار، سهڻا اکر، ملڪن جا جهنڊا ۽ ٻيا دلچسپ اميج پيا اڀرن جنهن سان هن جي خوبصورتي ۾ چار چنڊ پئي لڳي ويا. سجاد ٻڌايو ته هن ٽاور جي ٽاپ تي پهچي ماڻهو سڄي دوحا شهر جو نطارو به ڪري سگهي ٿو.هڪ سال اڳ اسان سريلنڪا جي گادي واري شهر ۾ به اهڙو ئي اوچو ٽاور ڏٺو هيوسين جيڪو پري کان ڪنول جي گل جيان پئي لڳو جنهن جي ڪري ان جو نالو ئي ” لَوٽس ٽاور“ رکيو ويو آهي. ساڳي طرح ملائيشيا جي شهر ڪوالالمپور ۾ گهمندي ڦرندي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ بلند قد وقامت وارو ٽاور ڏسڻ جو به موقعو مليو هو جنهن کي ” ڪي ايل ٽاور“ پئي سڏايون.انهن ٻنهي ٽاورن تي به ” دوحا جي ” ٽارچ ٽاور“ جيان ريسٽورينٽس ۽ ٻيا ڪاروباري شاپس آهن ۽ انهن جي بلڪل ئي مٿئين طبقي تي پهچي ماڻهو ڪولمبو شهر ۽ ڪوالا لامپور شهر جو نظارو ڪندا آهن.
بحرحال اسان وٽ وقت تمام ٿورو هيو تنهنڪري ٽارچ ٽاور ۾ مٿي وڃڻ جي بجاءِ ان جو ٻاهران ئي جائزو وٺي ٿورو اڳي وڌي ”وليجيو مال“ ۾ داخل ٿياسين. ڪار پارڪنگ کان چند قدم اڳتي وليجيو مال (Villaggio Mall) تائين پهچڻ دوران سج جي تپش اهڙا جلوا ڏيکاريا جو سنڌي محاوري وانگر ” چئي کڻي چپ ڪر“. ان تپش ۽ گرمي کان بچڻ لاءِ تڪڙا تڪڙا قدم کڻي مال جي مکيه دروازي وٽ اچي پهتاسين. اتي ٻاهر ٻه ٽي منٽ ڇانو ۾ بيهي باڊي ٽيمپرچر نارمل ڪري وليجيو مال ۾ داخل ٿياسين ته ماحول منفرد ۽ مزيدار ڏسڻ ۾ آيو. ائين لڳو ڄڻ ويليجيو ۾ شام جو پهر هجي. اتي ئي بيٺي مٿي نهاريوسين ته ڄڻ ڪڪرن سان ڀريل آسمان پئي نظر آيو ۽ ائين پئي لڳو ڄڻ مينهن وسڻ وارو آهي. نطر نه ايندڙ اي سي پلانٽن مان ايندڙ هلڪي ٿڌي هوا راحت بخشي رهي هئي. مون دل ئي دل ۾ وليجيو مال جي ڊزائين ڪندڙ ۽ عمارت ٺاهيندڙ انجنيئرن ۽ ڪاريگرن کي داد ڏنو. دراصل هن جي آر سي سي ڇت کي اهڙي طرح جو رنگ ڏنو ويو هو جو اها لوهه ۽ سيمينٽ جي ڇت نه پر ڪڪرن ڀرئي خوبصورت آسمان جيان لڳي رهي هئي. هونئن ته هي شاپنگ مال هيو جنهن ۾ موجود شاپس، اسٽالن، هٽس ۽ ريسٽورينٽ تي مختلف قسمن جون شيون وڪرو ٿي رهيون هيون ۽ اهڙا شاپنگ مال اسان جي ملڪ ۾ به آهن پر جن ڳالهين هن کي منفرد بڻايو هو انهن ۾ هن جي ڪشادگي، آسمان نما ڇت، مال ۾ اندر صاف پاڻي سان ٽمٽار ڊگهي ندي ۽ هڪ بهترين ”آئس اسڪٽنگ رنڪ“ هيون.
اسان مال ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڏسندا اچي ندي واري خوبصورت منظر تي پهتاسين. ندي جي ٻنهي پاسن کان دوڪانن جو قطارون ۽ پنڌ گهمندڙن لاءِ خوبصورت رستو هيو. ٻن هنڌن تي ندي جي مٿان پُل ٺهيل هئي جنهن تان ڪراس ڪري ماڻهو هڪ طرفان کان ٻئي طرف پئي ويا. ندي ۾وڏين چهنبن واريون ڊگهيون ۽ رنگا رنگي ٻيڙيون ”ڪنڊولا بوٽس“ ڏاڍيون خوبصورت لڳي رهيون جن کي وڏا ٽوپلا ۽ مخصوص قسم جو يونيفارم پاتل ناکئا ماڻهن کي تفريح ڪرائڻ لاءِ ڊوڙائي رهيا هيا. اهو نظارو هوبهو اٽلي جي شهر وينس ۾ نديءَ وارو لڳي رهيو هيو هو جنهن جو وڊيوز سياح سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندا رهندا آهن. ويلجيو مال واري هن ندي ۾ ڪنڊولا بوٽس ۾ ويهڻ لاءِ ٻه ويڪريون سيٽون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هيون جن تي صرف چئن ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي باقي ناکئو ان تي بيٺي پنهنجي ڊيوٽي ڪري رهيو هيو. ٻيڙي ۾ سواري ڪرڻ جي ٽڪيٽ ڏهه قطري ريال هئي. اسان جي منع ڪرڻ باوجود سجاد ندي جي ڀرسان ٽڪيٽ گهر ڏانهن وڃي چار ٽڪيٽون خريد ڪري آيو جنهن کان پوءِ اسان چار ئي ڄڻا پتڻ تي بيٺل ڪنڊولا بوٽ ۾ سوار ٿياسين ته بوٽ وليجيو مال جي اندر ندي جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪيو. روشنين سان جرڪندڙ شاپس جي وچان وهندڙ نديءَ ۾ ٻيڙي تي سفر ڏاڍو مزيدار هيو. بحرحال اهو لطف وٺي ٻيڙي تان لهي مال ۾ گهمندا ڦرندا مانجهاندو ڪرڻ لاءِ اچي ان ۾ قائم ريسٽورينٽ ۾ ويٺاسين. رسٽورينٽ جي ڀرسان شيشي جي ديوار جي ٻئي پاسي هڪ شاندار ” آئس اسڪيٽنگ رنڪ“ هئي. هن جي ويڪري گرائونڊ تي ڄميل برف ڏاڍي خوبصورت پئي لڳي. اسان ريسٽورينٽ ۾ ويٺي لنچ به ڪري رهيا هياسين ته اتان ويٺي برف مٿان اسڪيٽنگ ڪندڙ ٻن غير مقامي عورتن جو برف مٿان ڊوڙ جو مظاهرو به ڏسي رهيا هياسين. انهن مان هڪ ڪجهه جهوني هئي جيڪا ٿورو هلي برف تي تِرڪِي ڪري ٿي پئي ۽ ٻي ڄڻي کيس اٿاري وري هلڻ لاءِ سندس مدد پئي ڪري. مون پنجويهه سال کن اڳ دبئي جي ديرا واري علائقي ۾ قائم حيات ريجنسي ۾ به آئيس اسڪٽنگ رنڪ ڏٺي هئي جيڪا پڻ ڏاڍي خوبصورت هئي. ڪراچي ۾ ڪارساز روڊ تي پڻ ارينا اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ اها سهوليت موجود آهي جنهن کي ” آئيس ڊيڪ“ سڏين ٿا جتي تفريح لاءِ ايندڙ شوقين آئيس اسڪيٽنگ به ڪندا آهن.
ميٽرو جون موجون ۽ سوق واقف
دوحا ۾ اسان جي تقريبن اڌ ڏينهن گذري ويو هو ۽ باقي بچيل وقت ۾ دوحا جا ڪجهه ٻيا ماڳ به ڏسڻ لاءِ موجود هيا تنهڪري وليجيومال مان نڪري ٻاهر آياسين. سجاد چيو ته هاڻي ميٽرو ٽرين ۾ سفر ڪري هتان جي هڪ تاريخي مارڪيٽ ” سوق واقف“ هلون ٿا. هن چيو ته اوڏانهن ڪار جي ذريعي به هلي سگهجي ٿو پر هتان جي ميٽرو ٽرين جو مزو وٺڻ به ضروري آهي ۽ اها اسان کي وڌيڪ سولو ۽ جلدي پهچائيندي. اسان ڪار ۾ ويهي روڊ ڪراس ڪري ڀرسان ئي اسپورٽس سٽي جي ڪشادي ميدان وٽ ميٽرو ٽرين اسٽيشن وٽ آياسين ۽ ڪار جي ٿڌي ماحول مان نڪري رڳو چند قدم کڻي انڊر گرائونڊ اسٽيش ڏانهن ويندڙ اليڪٽرڪل ڏاڪڻ (اسڪيليٽر) تائين آياسين ته هتان جي سج جي تِکَ ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. انڊر گرائونڊ اسٽيشن ۾ پهتاسين ته وڏو لطف اچي ويو. اي ٽي ايم نما مشين ۾ پئسا وجهي ٽي سفري ٽڪيٽون ڪڍي اڃا ٿورو ئي انتظار ڪيوسين ته ميٽرو جي گولڊ لائين ٽرين ڊوڙيندي اچي اسٽيشن تي پهتي. دوحا ميٽرو ريلوي سسٽم ۾ ٽرينون ٽن نالن جهڙوڪ ”ريڊ لائين“، گرين لائين“ ۽ ”گولڊ لائين“ سان مختلف ريل روٽس تي هلن ٿيون. ”سوق واقف“ واري روٽ تي هلڻ واري ٽرين ” گولڊ لائين“ جي هئي. قطري ريلوي موجب ”گولڊ لائين“ جي روٽ تي يارنهن اسيشنون آهن جن تان هرروز لکين مسافر هن ٽرين تي سفر ڪن ٿا. اسان هن ٽرين ۾ سوار ٿي مختلف اسٽيشنون ڪراس ڪندا اڌ ڪلاڪ کن ۾ اچي ”سوق واقف“ ميٽرو اسٽيشن تي پڳاسين. هي اسٽيشن به ڏاڍي خوبصورت هئي. اسان اتان هلندا اچي ”سوق واقف“ ۾ پهتاسين.
عربي ۾ ”سوق“ مارڪيٽ کي چئبو آهي.”سوق واقف“ سئو سالن کان به وڌيڪ عرصي کان قائم دوحا جو هڪ روايتي، پراڻو ۽ ڪشادو ڪاروباري مرڪز آهي، جنهن ۾ عمارتن، گهٽين ۽ رستن جي مرمت ڪري کين سندن اصل ۽ پراڻي شڪل ۾ بحال رکيو ويو آهي. گهڻي ڀاڱي عمارتون ٻاهران ائين پيون نظر اچن ڄڻ ڪچين سرن ۽ گاري جون ٺهيل هجن. هتي ڪجهه نيون اڏاوتون به ڪيون ويون آهن جن ۾ پراڻن ۽ جديد کاڌن جا ريسٽورينٽ، آرٽ سينٽ، ۽ رهائش لاءِ جديد سهوليتن سان آرسته هوٽل شامل آهن. هن مارڪيٽ ۾ روزمره جي زندگي ۽ گهر گهاٽ لاءِ گهربل هر قسم جو وکر موجود آهي. هتي لَٽن ڪپڙن، سون، زيورن، هيرن ۽ جواهرن جا دوڪانن به موجود آهن. هن مارڪيٽ ۾ اٺ، گهوڙا ، باز ۽ ٻيا پکي پکڻ ۽ جانور به وڪرو ٿين. سوق واقف ۾ اسٽريٽ فوڊ سميت ٻيون تفريحي سهوليتون به موجود آهن. مارڪيٽ جون روايتي سوڙهيون گهٽيون، مکيه رستا ۽ انهن جي ٻنهي پاسن کان پراڻي نوعيت جون ٺهيل عمارتون پراڻي دور جي دوحا جو تصور ذهن ۾ آڻين ٿيون. هن جي مکيه ٽِواٽَي تي هڪ ريسٽورينٽ جي ڀرسان موجود انساني آڱوٺي جو هڪ وڏو ۽ سونهري رنگ وارو پِتَل جو هڪ وڏو مجسمو سياحن جي ذهن ۾ ڪجهه سوال اٿاري ٿو. ڄاڻ وٺڻ تي معلوم ٿيو ته آڱوٺي جو اهو مجسمو جنهن کي فرانسي ٻولي ۾ ” لي پُوس“ (Le Pouce) انگزي ۾” دي ٿمب“، سنڌيءَ ۾ آڱوٺو ۽ عربيءَ ۾ ” الابهام“ چيو وڃي ٿو سو فرانس جي مشهور سنگتراش ۽ آرٽسٽ سيزر بالداسني ٺاهيو هو. يورپي ڪلچر ۾ اُڀي ٿيل آڱوٺي کي شاباس، ڪاميابي يا پسنديدگي جي علامت سمجهيو ويندو آهي. هاڻي ته ٻين معاشرن ۾ يا خود اسان وٽ به ڪنهن کي داد ڏيڻ يا ڪنهن عمل يا ڪارنامي کي ساراهڻ لاءِ آڱوٺو اڀو ڪري ڏيکارڻو پوي ٿو. سوشل ميڊيا جهڙوڪ فيسبوڪ تي ڪنهن وڊيو يا ٻي پوسٽ کي پسند (Like) ڪرڻ لاءِ به اُڀي ٿيل آڱوٺي واري اميج کي ڪِلڪ ڪرڻو پوي ٿو.. هونئن اڳي اسان وٽ جيڪڏهن ڪنهن کي آڱوٺو اڀو ڪري ڏيکاربو هو ته ان جي معنيٰ ”ڪجهه به نه“ يا ڪنهن ڳالهه جي ”نفي“ سمجهي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنهن کي آڱوٺو ڏيکارڻ تي جهيڙو به ٿي پوندو هو ڇاڪاڻ ته آڱوٺو ڏسندڙ ڌر ان عمل کي پنهنجي بي عزتي سمجهندي هئي. بحرحال سوق واقف واري پِتَل (Bronze) جي آڱوٺي کي” ڪاميابي جو علامتي اظهار“ سمجهيو وڃي ٿو ۽ اهو 2019ع ۾ قطر پاران فوٽ بال راند جي مقابلن ۾ ايشيا ڪپ کٽڻ واري ڪاميابي جي يادگار طور رکيو ويو هيو.
هي مارڪيٽ اڪثر ڪري شام کان رات تائين پنهنجي جوڀن ۾ اچي ٿو، جتي روزانو هزارين ماڻهو خريداري ڪرڻ، گهمڻ ۽ تفريح ڪرڻ اچن ٿا. اسان به هن مارڪيٽ جومختصر جائزو وٺي ميٽرو اسٽيسن تي واپس آياسين ۽ ٽرين ۾ چڙهي اسپورٽس سٽي وٽ آياسين جتي بيهاريل ڪار ۾ چڙهي ٻئي ماڳ يعني نيشنل ميوزم آف قطر گهمڻ هلياسين.
نيشنل ميوزم به ميٽرو جي گولڊن لائين واري ٽرين جي روٽ تي ئي هيو پر سجاد ڪار ۾ هلڻ جي تجويز ڏني ته جئين ميٽرو جي انڊر گرائونڊ جهان مان نڪري دوحا جا ٻاهريان درشن به ڪندا هلون. بحر حال ٿوري وقت کان پوءِ ميوزم وٽ پهتاسين. ميوزم جي عمارت جديد فن تعمير جو شاهڪار نمونو پيش ڪري رهي هئي. هن جا ڪجهه حصا اڃا تائين تعمير هيٺ هيا. مکيه گيٽ وٽ آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ کي ڀليڪار جا بينر لڳل هيا. ان ڏينهن ٽرمپ دوحا جي دوري تي آيل هيو، شايد ميوزم وزٽ ڪري ويو هو يا هتي اچڻو هيو. بحرحال اسان ميوزم ۾ داخل ٿي هڪ دلچسپ جهان سان مکاميل ٿيڻ لڳاسين. هن ميوزم ۾ قطر جي سموري انساني، سماجي، ثقافتي ۽ صحرائي زندگي جي تاريخ کي ناياب شين، آرٽيفيڪٽس، تصويرن، ۽ وڊيوز جي ذريعي محفوظ ڪيو ويو آهي. هڪ وڏي حال ۾ زمين کان ڇت تائين ڦهليل وڏي اسڪرين تي قطري زندگي جي سڀني پهلوئن کي وڊيوز جي ذريعي ڏيکاريو پئي ويو. هن منفرد ميوزم جا مختلف سيڪشن گهمي ڏاڍو مزو آيو پر گهڻو ٿڪجي به پيا هياسين تنهڪري سجاد کي چيوسين ته هوٽل ڏانهن وٺي هلي ته جتي اسان بوڪ ٿيل ڪمري ۾ ٿورو آرام ڪري تازه توانا ٿي ٻاهر نڪرون ۽ پوءِ وڌيڪ گهمندا ڦرندا رات جو ٻارهين کان اڳ واپس ايئر پورٽ تي پهچون جتان ٻين وڳي اسان جي ملئيشيا لاءِ فلائيٽ هئي.
قطري شادي ۽ ملئيشيا ڏانهن روانگي
سجاد اسان جي خواهش مطابق ڪار کي هوٽل واري علائقي ڏانهن ڊوڙائڻ لڳو. رستي ۾ اسپورٽس سٽي وٽان گذرندي ميدان تي شامينا ۽ ڪنعاتون سجندي ڏسي سجاد ٻڌايو ته اڄ رات هتي شادي جو فنڪشن ٿيڻو آهي ۽ پندال جو انتظام سنڀاليندڙن ۾ اسان جا ڪجهه ڇوڪرا به آهن. جنيد چيو ته پوءِ اهڙي عربي روايتي فنڪشن جي جهلڪ اسان کي به ڏيکارجو، جنهن لاءِ سجاد حامي ڀري. ٿوري دير ۾ اسان اچي هڪ بهترين هوٽل ۾ پهتاسين جتي اسان جو ڪمرو بوڪ ٿيل هو. ڪائونٽر تي ريزويشن ليٽر ۽ پاسپورٽ ڏيکاري ڪمري جي چاٻي وٺي وڃي ٿورو آرامي ٿياسين ۽ گهڙي کن کان پوءِ فريش ٿي واپس ٿيڻ لڳاسين. جنيد چيو ته دوحا ۾ منهنجو هڪ ٻيو به دوست رهي ٿو جنهن سان منهنجو فون تي رابطو ٿيو آهي سو ان سان به ملاقات ڪريون. سندس ان دوست جو نالو سلمان، ذات بليدي ۽ تعلق بلوچستان سان هيو. سجاد، جنيد جي فون نمبر وٺي ساڻس ڳالهايو ۽ هن سان اسپورٽس سٽي وٽ ملاقات جو وقت طئي ڪيو. اسان هوٽل مان نڪتاسين ته رات ٿي وئي هئي، شهر جو سموريون عمارتون ۽ روڊ رستا رنگ به رنگي روشنين سان سنگارجي چڪا هيا ۽ ڏاڍو دلپذير نظارو جڙي پيو هيو. سجاد ڪار کي ڊوڙائي پهريان اسپورٽس سٽي جي ان گرائونڊ تي وٺي آيو جتي شادي جو فنڪشن اڃا شروع ڪو نه ٿيو هيو پر ڪافي ماڻهو پهچي چڪا هيا. اسان وٽ گهڻو وقت ڪونه هيو تنهڪري هتان جو مختصر جائزو وٺڻ لاءِ ڪار مان لهي پنڊال ۾ آياسين. پنڊال جي اندر ۽ ٻاهر سوين عرب سڳورا پنهنجي مخصوص عربي لباس ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان خوبصورت سجايل ڪرسين تي براجمان هيا ڪي وري چهل قدمي ڪري رهيا هيا. ڪجهه فنڪار به پنهنجي روايتي لباس ۽ ساز سامان سان موجود هيا پر اڃا فن جي مظاهري واري موڊ ۾ ڪو نه هيا شايد اڃا وڌيڪ مهمانن اچڻا هيا. اتي موجود خدمتگذار مخصوص عربي ڪهوه جون ڪٽليون کنيون ننڍن پيالن ۾ مهمانن کي ڪهوه پيش ڪري رهيا هيا. اسان کي به ڪهوه جا پيالا ڏنا ويا. ڪلچرل پروگرام شروع ٿيڻ ۾ اڃا دير هئي ۽ جنيد جي دوست سان ملڻ جو مقرر ٽائيم به ٿي رهيو هيو تنهنڪري هتي وڌيڪ رهڻ بجاءِ ڪجهه تصويرون ٺاهي اتان نڪري آياسين. جنيد جو دوست بليدي ٻڌايل جاءِ وٽ ڪار جهليو اسان جو انتظار ۾ بيٺو هيو. اتي ساڻس ملياسين ۽ بيٺي بيٺي تعارف ۽ دعا سلام ڪرڻ کان پوءِ هن چيو ته هتان هلي ڪٿي ويهون ٿا ۽ ڪچهري به ڪريون ٿا. طئي اهو ٿيو ته سجاد پنهنجي ڪار اتي ئي پارڪ ڪندو پوءِ اسان سڀئي بليدي جي گاڏي ۾ وڃي ويٺاسين. ڪار هلائيندي بليدي ٻڌايو ته هو هينئر ڊيوٽي مان فارغ ٿي آيو آهي. هو هتان جي ڪنهن سرڪاري سڪيورٽي ايجنسي ۾ ملازمت ڪري ٿو. هن ٻڌايو ته آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ اڄ دوحا ۾ آيل هيو ۽ ٿوري دير اڳ قطر مان سندس واپسي جي فلائيٽ ٿي آهي. ائين ڪار ۾ حال احول ڪندا اچي هڪ هوٽل ۾ پهتاسين. رات جا ڏهه ٿي چڪا هيا. هن ماني جو آرڊر ڏنو. ان دوران ڪافي ڪچهري ڪئيسين. هاڻي جڏهن هتان اٿياسين ته کيس چيوسين ته اسان کي ايئر پورٽ تي پهچايو. هنن دوست دوحا ۾ اڃا ڪجهه رولاڪيون ڪرڻ جو چيو پر اسان کي ملئشيا جي فلائيٽ جو فڪر هيو تنهنڪري ايئرپورٽ ڏانهن ئي هلڻ لاءِ مٿن زور ڀريوسين. آخرڪار ايئر پورٽ تي پهچي هنن ٻنهي دوستن کان موڪلائي اندر داخل ٿياسين، هتان جي اسٽاف کي پاسپورٽ، ملئيشيا جي ويزا ۽ جهاز جو بورڊنگ ڪارڊ ڏيکاري اچي ويٽنگ لائونج ۾ پهتاسين جتي ٿوري انتظار کان پوءِ جهاز ۾ سوار ٿي ملئشيا ڏانهن روانا ٿياسين. دوحا ۾ ايجوڪيشن سٽي سميت ڪجهه ٻيا تفريحي ماڳ ۽ ان جي هڪ علائقي ”وادي السيل“ ۾ واقع عالمي طور تي مشهوري ماڻيندڙ خابرو نشرياتي اداري ”الجزيرا“ ميڊيا نيٽ ورڪ جو هيڊ ڪوارٽر ۽ ان جي خوبصورت بلڊنگ به ڏسڻ کان رهجي وئي پر خير محدود وقت ۾ جيڪو ٿيو سو خوب ٿيو.