”هارين کي حق ڏيو“ لاڙڪاڻي ۾ جي يو آءِ جي ريلي، وزيراعليٰ هائوس ۽ سنڌ اسيمبلي وڃڻ جو چتاءُ

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام طرفان هارين ۽ آبادگارن جي معاشي استحصال خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي شروعات گلشن شهيد اسلام جامعه اسلاميه اشاعت القرآن الحديث  دودائي روڊ کان ٿي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ هارين، آبادگارن ۽ جي يو آءِ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. مظاهرين کي بينر کنيل هئا جنهن تي هارين کي حق ڏيو جهڙا نعرا لکيل هئا. ضلعي امير علاما ناصر خالد محمود سومري چيو ته هارين کي سارين ۽ ڪڻڪ جي مناسب قيمت نه ملڻ سبب انهن جي معاشي حالت خراب ٿي رهي آهي، ۽ منڊي مافيا ۽ اثر رسوخ رکندڙ طبقي جي ڳٺ جوڙ سبب هاري معاشي غلام بڻجي ويا آهن. هن وفاقي ۽ سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي فوري طور قيمتون مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، ۽ چيو ته جيڪڏهن مناسب اگهه مقرر ڪيا ويا ته جي يو آءِ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌائيندي. هن چيو ته سارين ۽ ڪڻڪ جا اگهه منصوبي تحت گهٽ ڪري آبادگارن کي تباهه ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت هارين جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن، فوري اگهه مقرر ڪيا ويا وڃن. ان موقعي تي اڳواڻن عوامي حقن لاءِ آواز اُٿارڻ ۽ احتجاج ڪرڻ جو عزم ورجايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.