موجوده حڪومت ڪجهه پارٽين جو گڏيل مجموعو آهي. اها جيئن ئي وجود ۾ آئي آهي ته، عوام جو ڪوبه مسئلو حل ڪونه ڪيو اٿس. پر، عوام لاءِ مسئلا وڌيا آهن جيڪي هن حڪومت خود پيدا ڪيا آهن عوام ويتر مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو وڃي. انهن عوامي ۽ بنيادي مسئلن ڏانهن ڪوبه ڌيان ڪونه ٿو ڏنو وڃي. ماڻهو سراپا سورن ۾ آهن. اها حقيقت آهي ته، حڪمران پنهنجي مفادن خاطر قانونسازي ڪري رهيا آهن. آئين ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن. آئين ۽ قانون جي لتاڙ ٿي رهي آهي. قانون به اهڙا ٺاهيا پيا وڃن جيڪي واڳ ڌڻين جي مفاد ۾ آهن ۽ مخالفن لاءِ سخت آهن. مخالفن کان انتقام وٺڻ جا رستا ڳولي قانون سازي ڪئي پئي وڃي. باقي ملڪ ۾ ترقي جو نالو و نشان ڪونه ٿو ڏسڻ ۾ اچي. چوڌاري عوام جون رڙيون آهن. دانهون ۽ ڪوڪون هلي رهيون آهن. پر، ڪير به ڪونه ٿو ٻڌي، هر مسئلو پنهنجي جاءِ تي ڪر کنيو بيٺو آهي. جيڪو حل ٿي نه سگھيو آهي ته وري حڪومت خود ٻيا مسئلا پيدا ڪري رهي آهي. اهي نوان مسئلا به ملڪ جي ترقي ۾ وڏي رنڊڪ ۽ رڪاوٽ بنيل آهن.
هاڻي حڪومت 27 هين ترميم جو بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان پاس ڪرايو آهي. اهو ايڏو ته تڪڙ ۾ پيش ڪيو ويو آهي جو مخالف سياسي ڌرين کي به اعتماد ۾ ڪونه ورتو ويو ۽ نه وري مسودي جي ڪاپي کين ڏيکاري ويئي. سمورو ڪم ڳجهه ڳوهه ۾ ڪيو ويو. جيئن ئي بل پاس ٿيڻ جي ڳالهه ظاهر ٿي ته ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ته ککر ۾ کڙو لڳي ويو. هر هنڌ ان ترميم جي باري ۾ چوٻول متل آهي. آئون سمجهان ٿو ته، ماڻهن جي اڪثريت هن ترميم جي خلاف آهي. باقي واڳ ڌڻين جا ماڻهو خاموش ٿي ويا آهن. خاص ڪري سنڌ ۾ اهڙي خاموشي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. باقي قومپرست ليڊرشپ ۽ سنڌ جي ڪافي ماڻهن ته احتجاج شروع ڪري ڏنا آهن. علماءِ ڪرام به ان ترميم جي مخالفت ۾ آهن. مفتي تقي عثماني جو بيان نظر مان گذريو. هن پنهنجي فتويٰ ۾ صدارتي ڇوٽ کي دين جي ابتڙ قرار ڏنو اٿس. اسلام ۾ ڪوبه شخص اهو ڀلي ڪنهن به وڏي عهدي تي فائز هجي عدالتي ڪارروائي کان مٿانهون ٿي نه ٿو سگھي. ان سلسلي ۾ خلفاءِ راشدين جا مثال سڀني جي سامهون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي دستور اڳ به صدر کي صدارت دوران تحفظ ڏنو هو. جيڪو اسلام جي خلاف هو ۽ هاڻ ڪنهن شخص کي تاحيات اها ڇوٽ ڏيڻ شريعت ۽ آئين ٻنهي جي روح جي ابتڙ آهي. اهو قدم ملڪ لاءِ انتهائي شرمناڪ ثابت ٿيندو. مفتي تقي عثماني پارليامينٽ جي ميمبرن کي اپيل ڪئي آهي ته، اهي اهڙو ڏوهه نه ڪن ۽ ملڪ کي ان بيعزتي کان بچائين. اسلامي تعليمات کي سامهون رکن.
اڃا ٻين علماءِ ڪرام ۽ مفتين جي فتويٰ ٻڌڻ ۾ ڪونه آئي آهي. جنهن جي بنياد تي ڪاراءِ ڏيئي سگھجي. ڪو حتمي فيصلو ڪري سگھجي. تنهن هوندي به ايترو چئي سگھجي ٿو ته، مفتي تقي عثماني جو وڏو نالو آهي. هو، نامور عالم آهي. جنهن اها فتويٰ ڏيئي حق ۽ سچ جي ڳالهه ۾ دير ڪونه ڪئي آهي. وڌيڪ ان سلسلي ۾ موجوده قانون جي مطابق قانوندان ئي ٻڌائي سگھن ٿا. راقم الحروف کي ته ان باري ۾ ڪابه ڄاڻ ڪونه آهي عام ماڻهو ان قانون کان ناواقف ۽ اڻ ڄاڻ آهن.
ٻئي طرف مخالف سياسي ڌڙا به پنهنجا بيان ڏيئي ڪاوڙ جو اظهار ڪندا رهن ٿا. ان حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته، 27 هين آئيني ترميم بابت ڳالهائڻ جي اجازت ڪنهن کي به نه آهي ميڊيا کي اسان جي ڳالهه ٻڌڻ گھربي هئي ڇو ته هيءَ ترميم حقيقت ۾ 73 جي آئين جو جنازو آهي. هن وڌيڪ چيو ته، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي عدليه ۽ ميڊيا جي آزادي ختم ٿي چڪي آهي هاڻي نه عدليه آزاد آهي نه قانون باقي رهيو آهي. پ پ پ، ذوالفقار علي ڀٽو جي امانت آئين ۾ خيانت ڪئي آهي. اها ڀٽو جي فڪر ۽ جدوجهد جي توهين آهي. جڏهن ته لطيف کوسا پنهنجي بيان ۾ صاف، صاف لفظن ۾ چيو آهي ته آزاد عدليه کان سواءِ انصاف ملڻ ممڪن نه آهي. اهي به اطلاع آهن ته قومي اسيمبلي ۾ 27 هين آئين جي ترميم جي خلاف اپوزيشن مخالفت ڪندي سخت نعريبازي ڪئي آهي ۽ اپوزيشن پنهنجين بئنچن تان هل هنگامون شروع ڪيو. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته اپوزيشن به ان ترميم کي رد ڪري چڪي آهي ۽ قبولڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. ملڪ جا وڪيل به ان ترميم جي حمايت ۾ ڪونه آهن. پر، سخت مخالفت ڪري رهيا آهن.
تازو ميهڙ ۾ 27 هين ترميم سان صوبن جي خود مختياري، وسيلن جي ورڇ ۽ آئين ۾ ڏنل صوبائي اختيارن کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جيڪا وفاقي اصولن ۽ 1973 جي آئين جي روح جي بلڪل ابتڙ آهي. هن ترميم جي ذريعي صوبن کي مرڪز جي ماتحت بنائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. جيڪا نه رڳو آئين جي ڀڃڪڙي آهي پر وفاق جي وحدت لاءِ پڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگھي ٿي. هنن وڌيڪ چيو ته، جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڄاڻايل ترميم واپس نه ورتي ته وڪيلن جون بار ايسوسيئيشنز صوبي جي اندر احتجاجي تحريڪ هلائينديون. پوءِ ان تحريڪ ۽ جدوجهد کي ڪير به روڪي ڪونه سگھندو ۽ اها جدوجهد جيئن پوءِ تيئن وڌندي ويندي. ان سلسلي ۾ وڪيلن جي ماضي جي تحريڪن مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي.
ٻئي طرف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سڏ تي، سنڌ جي هر ضلعي ۾ بيان ڪيل ترميم جي خلاف احتجاج ڪيو ويو. جنهن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ سخت نعريبازي به ڪئي ويئي. هن پارٽي به ترميم کي رد ڪيو آهي. اها ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي هڪ سازش قرار ڏني ويئي آهي. نوابشاهه ۾ وڏو ميڙاڪو ٿيو. جنهن ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته اها ترميم واپس ورتي وڃي. اها ترميم واڳ ڌڻين پنهنجي مفاد ۾ ڪئي آهي ۽ مخالفن کي ڪچلڻ ۽ انتقام جو نشانو بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي. هن ترميم کي ملڪ جو هر ذي شعور ماڻهو رد ڪري ٿو. ان موقعي تي جذباتي تقريرون به ڪيون ويون ۽ اڀ ڏاريندڙ نعره به هنيا ويا. بهرحال حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن. حڪومت کي ان ڏس ۾ سوچڻ گھرجي ۽ ملڪ ۾ افراتفري جي ماحول کي ختم ڪرڻ ۽ ڄاڻايل ترميمي بل واپس وٺڻ وقت جي تقاضا آهي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته وڌيڪ احتجاجي سلسلو شروع ٿي سگھي ٿو. جيڪو ملڪي مفاد وٽان هرگز ڪونه هوندو. جنهن ڪري حڪومت کي اهڙيون ترميمون نه ڪرڻ گھرجن جيڪي عوام کي مڇرائي ۽ ڪاوڙائي وجهن ۽ پوءِ حڪمران هڪ طرف ته عوام ٻئي طرف بيٺل نظر اچن. حالانڪه سڀني کي ملڪي مفاد ۾ هڪ صف ۾ بيهڻ گھرجي. هن وقت عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪوشش وٺي. جنهن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچي سگھي ٿو. حڪمران صرف پنهنجي مفاد کي پوئتي رکي عوام جي مفاد لاءِ سوچين. اهڙي ڪابه ترميم نه آڻين جنهن سان عوام ۾ پريشاني پيدا ٿئي ۽ ماڻهن جي دل کي رنج پهچي سگھي. ان صورت ۾ ملڪ ڪابه ترقي ڪري نه ٿو سگھي ۽ ٽڪراءُ ترقي جي راهه ۾ وڏي رنڊڪ، رڪاوٽ ۽ رخنو آهي.
هن وقت عوام سراپا احتجاج بڻجي چڪو آهي. مختلف سياسي توڙي غير سياسي ڌريون احتجاج طرف وڃي رهيون آهن. حڪومت کي اها گذارش آهي ته ڄاڻايل ترميمي بل جو مسودو واپس ورتو وڃي. ان کي رد ڪيو وڃي ته پوءِ عوامي احتجاج کان بچاءُ ٿي سگھي ٿو. آئين 1973 ۾ متعارف ٿيو. ڪيترائي سال گذري چڪا آهن. انهيءَ ترميم جي ضرورت ڪنهن به ماضي جي حڪمران محسوس ڪونه ڪئي ۽ نه وري آئين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري تبديلي آندي. هاڻ ڪن مخصوص ماڻهن کي نوازڻ لاءِ ائين ڪيو پيو وڃي. جنهن جي هر هڪ ماڻهو مخالفت ڪري رهيو آهي تنقيد ڪري رهيو آهي ۽ آڱريون کڄي رهيون آهن. سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت آهي پر هن ترميم کان پوءِ ان جي ساک کي به سخت نقصان پهتو آهي. ان پارٽي جو گراف هيٺ ٿيندو پيو وڃي حالتون بدلجي رهيون آهن. جنهن ڪري حڪومت کي هن طرف ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. ٻئي حالت ۾ اسان جو ملڪ ترقي جي راهن تي گامزن ٿي نه ٿو سگھي. حڪمرانن کي قوم ملڪ لاءِ سوچڻ گھرجي. اسان جي خواهش آهي ته اسان جو ملڪ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻجي، معيشت ۾ پنهنجي پيرن تي بيهي. عوام خوش هوندو ۽ خوشحالي جي طرف ڊوڙندو ته يقينا اسان جو ملڪ به ترقي ڪندو. ٻي حالت ۾ ملڪ ڪڏهن به ترقي ڪري نه ٿو سگھي. ملڪ جي ترقي جو دارو مدار عوام جي خوشحالي تي آهي. تڏهن وڃي ملڪ اندر صحتمند معاشرو قائم ٿيندو. اهو معاشرو هر لحاظ کان ملڪ جي سالميت، بقا ۽ مضبوطي لاءِ جاکوڙ ڪندو رهندو. جنهن سان قوم و ملڪ جو نالو روشن ٿيندو. هن وقت جيڪي ملڪ ترقي ڪري وڃي آسمان تي پهتا آهن. تن جو عوام حڪمرانن جي سهڪار ۽ تعاون سان، محنت ڪري ٿو. اسان جي پاڙيسري ملڪ چين تي نظر ڦيرائجي ٿي ته خبر پوي ٿي ته ان ملڪ هرفيلڊ ۾ ڪيتري ترقي ڪئي آهي ۽ ترقي ڪندي ڪٿي وڃي پهتو آهي. اهو ملڪ اڃا وڌيڪ ترقي ڪري رهيو آهي. اها ترقي عوام جي محنت ۽ جاکوڙ جو نتيجو آهي. پر، اسان جو معاشرو ان جي ابتڙ هلي رهيو آهي. عوام لاءِ ڪجهه به سوچيو ڪونه ٿو وڃي. صرف حڪمران پنهنجن مفادن کي سامهون رکي ترميمون ڪري رهيا آهن ته جيئن اهي تاحيات حڪمران رهن باقي عوام سان سندن ڪوبه تعلق ڪونه آهي. چوڻ جو مقصد ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي فلاح و بهبودي لاءِ ڪجهه سوچيو ۽ عوام کي بدحالي مان ڪڍي خوشحالي طرف وٺي وڃو.