آئين کي طاقت ورن جي مفاد ۾ استعمال ڪرڻ وارو الميو

شاهد گل سمون

دستور ڪنهن به ملڪ جي سياسي ۽ سماجي ڍانچي جو بنيادي محور هوندو آهي، اهو هڪ اهڙو واعدو هوندو آهي جيڪو رياست پنهنجي عوام سان ڪري ٿي ته هو سندن حقن جي حفاظت، برابري، انصاف ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائيندي. پر جڏهن اهو واعدو رڳو ڪاغذن تائين محدود ٿي وڃي ۽ ان تي عملدرآمد نه ٿئي، تڏهن اهو دستور عوام لاءِ هڪ خالي جملو بڻجي وڃي ٿو، جيڪو فقط حڪمران طبقي لاءِ مفادن جو اوزار بڻجي وڃي ٿو. اسان جي ملڪ ۾ به صورتحال ڪجهه اهڙي آهي، جتي دستور جو مقصد عوامي ڀلائي بدران طاقتورن جي مفادن جي خدمت بڻجي ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ به غريب ماڻهو پنهنجن بنيادي حقن کان محروم آهي، جڏهن⁠ته حڪمران طبقي لاءِ هر قانون نرم ۽ لچڪدار آهي .دستور جو حقيقي مقصد اهو هوندو آهي ته هر شهري کي برابري، آزادي ۽ تحفظ حاصل ٿئي. پر جڏهن دستور جو نفاذ طاقتور هٿن ۾ اچي وڃي، ته اهو برابري بدران بي انصافيءَ جو سرچشمو بڻجي وڃي ٿو. ملڪ ۾ قانون به آهي، عدالتون به آهن، پر انصاف صرف انهن لاءِ آهي جن وٽ وس، اثر ۽ دولت آهي. غريب ماڻهو جي لاءِ قانون هڪ اهڙو زنجير بڻجي ويو آهي جيڪو ان کي وڌيڪ غلاميءَ ۾ ٻڌي ٿو. اهڙي رياست ۾ جتي آئين جو نالو ته وڏي احترام سان ورتو وڃي ٿو پر ان جي روح تي عمل نه ٿئي، اتي عوامي ڀلائيءَ جو تصور رڳو خواب بڻجي وڃي ٿو. اسان جي ملڪ جي سياسي تاريخ ان ڳالهه جي شاهدي ڏئي ٿي ته دستور کي هميشه طاقتورن پنهنجي مفادن لاءِ مٽايو، ڦيريو ۽ پنهنجي ضرورت مطابق استعمال ڪيو آهي. جڏهن ڪنهن حڪمران کي پنهنجو دور ڊگهو ڪرڻو هوندو آهي، ته آئيني ترميمون به بنا ڪنهن دير جي ٿي وينديون آهن، پر جڏهن ڳالهه عوام جي حقن، مزدورن جي اجرتن، تعليم ۽ صحت جي اچي ٿي، تڏهن اهو ئي دستور خاموش ٿي وڃي ٿو. اهو تضاد ئي آهي جنهن سبب عوام جو اعتماد آئين تان ختم ٿي چڪو آهي. ماڻهو هاڻي سمجهڻ لڳا آهن ته آئين صرف حڪمرانن لاءِ آهي، غريبن لاءِ نه. رياست جو هر ادارو آئين جي تحفظ جو دعويدار آهي، پر جڏهن اهي ادارا پاڻ طاقتور مفادن جي تابع ٿي وڃن، تڏهن آئين جي حيثيت ختم ٿي وڃي ٿي. ملڪ ۾ عدليه، انتظاميه ۽ مقننه جيڪي آئين جا محافظ هجڻ گهرجن، اهي پاڻ سياسي مفادن ۾ ڦاٿل آهن. عدليه جيڪڏهن انصاف بدران طاقتورن جي پاسي ٿي بيهي، انتظاميا ڪرپشن ۾ وڪوڙي وڃي، ۽ مقننه قانون سازي بدران پنهنجي مفادن لاءِ ڪم ڪري، ته پوءِ آئين جو مقصد ڇا رهجي ٿو؟ عوام لاءِ اهو صرف ڪتابن ۾ لکيل جملو آهي، جنهن جي ڪا به حيثيت نه رهي. دستور ۾ لکيل آهي ته هر شهري کي تعليم، صحت، روزگار ۽ آزادي حاصل هوندي. پر انهن مان ڪهڙو حق عملاً هر ماڻهو کي حاصل آهي؟ سرڪاري اسڪولن جي حالت زار ڏسو، اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ، بيروزگاريءَ جي وڌندڙ شرح، ۽ انصاف تائين رسائيءَ ۾ حائل رڪاوٽن کي ڏسو، ته معلوم ٿيندو ته آئين ۾ لکيل اهي حق فقط ڪاغذي دعوائون آهن. حڪمران طبقي جا ٻار بهترين اسڪولن ۽ يونيورسٽين ۾ پڙهن ٿا، پر غريب جو ٻار هڪ نيم ٽٽل اسڪول ۾ بغير استادن جي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهي. اهڙي سماج ۾ آئين عوام لاءِ ڀلائي نه پر بي وسيءَ جي علامت بڻجي وڃي ٿو.

آئين جو اصل روح ان وقت زنده رهندو آهي جڏهن هر شهري کي ان جو تحفظ حاصل هجي. پر جڏهن طاقتور قانون کان مٿاهون ٿي وڃي، ته آئين جي بقاءُ خطري ۾ پئجي وڃي ٿي. اسان وٽ وڏيرا، جاگيردار، حڪمران ۽ خاص ڪلاس لاءِ قانون الڳ آهي ۽ غريب لاءِ الڳ. اهو ئي ٻٽو معيار معاشري ۾ بي چيني پيدا ڪري ٿو. انصاف جي غير موجودگي ماڻهن جي دلين مان رياست ۽ قانون تي اعتماد ختم ڪري ٿي ڇڏي. جڏهن ماڻهو محسوس ڪن ٿا ته انهن لاءِ ڪو به نظام موجود نه آهي، تڏهن بغاوت جو جذبو پيدا ٿئي ٿو، ۽ رياست جو بنياد ڪمزور ٿي وڃي ٿو.

ملڪ ۾ ڪيترائي ڀيرا آئين کي معطل ڪيو ويو، فوجي حڪومتون آيون، ۽ وري نئين سر آئين بحال ڪيا ويا. پر هر ڀيري آئين جي بحاليءَ جو مطلب عوام جي ڀلائي نه پر طاقتورن جي سياسي تحفظ رهيو. آئين کي رياستي طاقت جي توازن ۾ اهڙي ريت استعمال ڪيو ويو جو ان مان عوامي حيثيت ختم ٿي وئي. جڏهن آئين کي اقتدار جي هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي، تڏهن اهو عوام جي لاءِ ظلم جو اوزار بڻجي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو عوام کي آئين ۾ پنهنجو عڪس نظر نٿو اچي. عوامي نمائندا چونڊجي ته اچن ٿا پر چونڊجڻ کان پوءِ عوام وسري وڃي ٿو. پارليامينٽ ۾ جيڪي قانون پاس ٿين ٿا، سي عوام جي ضرورتن بدران حڪمرانن جي مفادن لاءِ ٿين ٿا. جيڪڏهن ڪنهن عام ماڻهوءَ جي مسئلي تي ڳالهه ٿئي به، ته اهو رڳو نعرو بڻجي وڃي ٿو. حقيقت ۾ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ آئين ۽ جمهوريت ٻنهي جي معنيٰ ختم ٿي وڃي ٿي. جمهوريت ان وقت تائين زنده آهي جيستائين آئين عوامي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ٿئي، نه ته اهو صرف حڪمرانن جو تماشو بڻجي وڃي ٿو. دستور جي نالي تي ناانصافيون ٿيڻ لڳيون آهن. عدالتن ۾ انصاف پئسي ۽ اثر رسوخ تي ملندو آهي. ڪو غريب ماڻهو سالون سال پنهنجي ڪيس جي فيصلي لاءِ عدالتن جا چڪر ڪاٽي ٿو، پر ڪو طاقتور ماڻهو وڏو ڏوهه ڪري به آزاد گهمي ٿو. اهو ئي اهو ظلم آهي جيڪو آئين جي روح کي زخمي ڪري ٿو. جڏهن عوام ڏسي ٿو ته انصاف رڳو دولت وارن لاءِ آهي، ته پوءِ هو رياست کان مايوس ٿي وڃي ٿو. اهو مايوسيءَ جو لمحو ئي قومن کي زوال ڏانهن وٺي وڃي ٿو.
دستور عوامي شعور جو به امتحان آهي. جيڪڏهن عوام کي پنهنجي حقن جي ڄاڻ ئي نه هجي، ته پوءِ حڪمران انهن جي حقن سان کيڏندا رهندا. افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ آئين بابت شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به سنجيده ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. اسڪولن ۾ به آئين جي باري ۾ بنيادي ڄاڻ ڏني نه ٿي وڃي. نتيجي ۾ عوام کي اهو به خبر ناهي ته انهن جا بنيادي حق ڪهڙا آهن. جڏهن ماڻهو پنهنجا حق نٿا ڄاڻن، ته اهي پنهنجي حقن جي حفاظت به نٿا ڪري سگهن. اهڙي قوم هميشه حڪمرانن جي رحم وڪرم تي رهندي.

ميڊيا ۽ دانشورن جو ڪردار به انتهائي اهم آهي، پر بدقسمتيءَ سان ميڊيا به طاقتور مفادن سان ڳنڍيل آهي. اڪثر ڪري ميڊيا اهو ئي ڏيکاري ٿي جيڪو حڪمران چاهين ٿا. عوامي مسئلن، قانون جي نابرابري ۽ آئين جي ڀڃڪڙيءَ تي کلي ڳالهائڻ وارا آواز بند ڪيا وڃن ٿا. اهڙي سماج ۾ سچ ڳالهائڻ ڏوهه بڻجي وڃي ٿو. پر اهو به سچ آهي ته آئين جو تحفظ تڏهن ٿيندو جڏهن سچ کي دٻايو نه پر اجاگر ڪيو وڃي. اسان کي اهو سمجهڻ گهرجي ته آئين جي عزت ان وقت ٿيندي جڏهن ان تي عمل ڪيو ويندو. رڳو آئين جو هجڻ ڪافي ناهي، ان تي عملدرآمد ئي ان جي سڃاڻپ آهي. آئين ۾ لکيل لفظ تڏهن معنيٰ رکن ٿا جڏهن انهن تي عمل ٿئي. جيڪڏهن حڪمران پاڻ قانون جي ڀڃڪڙي ڪن، ته پوءِ ڪنهن غريب کان قانون جي پاسداريءَ جي اميد ڪيئن ڪئي وڃي؟ قانون جي حڪمرانيءَ لاءِ سڀني کي هڪجهڙو جوابده ٿيڻ گهرجي. آئين جو بنياد انصاف تي آهي، ۽ انصاف بنا ڪو سماج زنده نٿو رهي سگهي. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ انصاف ناپيد ٿي وڃي، ته پوءِ اتان جي ترقي، ڀلائي ۽ سلامتي سڀ بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي. اسان کي اهو يقين پيدا ڪرڻو پوندو ته آئين هر شهري لاءِ برابر آهي، ڪو به شخص قانون کان مٿاهون ناهي. جڏهن اهو يقين عوام جي دلين ۾ پيدا ٿيندو، تڏهن ئي رياست مضبوط ٿيندي. آئين کي طاقتورن جي مفادن مان آزاد ڪرائڻ لازمي آهي. ان لاءِ ادارن کي مضبوط ۽ غير جانبدار بڻائڻو پوندو. عدليه کي سياسي اثر کان آزاد، انتظاميا کي ڪرپشن کان پاڪ، ۽ پارليامينٽ کي عوامي نمائندگيءَ جي اصل روح سان بحال ڪرڻ ضروري آهي. جڏهن ادارا پنهنجي اصل حيثيت ۾ ڪم ڪندا، تڏهن آئين جي حقيقي حڪمراني قائم ٿيندي. ورنه اهو صرف حڪمرانن جي هٿن ۾ هڪ ڪاغذ رهندو.

اڄ جي ضرورت اها آهي ته عوام پاڻ آئين جو محافظ بڻجي. جيئن ئي ماڻهو پنهنجا حق ڄاڻڻ شروع ڪندا، حڪمران پاڻ جوابده بڻجندا. آئين کي عوامي شعور سان ڳنڍڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. آئين عوام لاءِ آهي، عوام آئين لاءِ نه. جڏهن عوام پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ پاڻ ميدان ۾ ايندو، تڏهن ئي آئين عوامي ڀلائيءَ جو ذريعو بڻجي سگهندو. آخر ۾ اهو چوڻ ضروري آهي ته دستور جيڪڏهن صرف طاقتورن لاءِ آهي ته پوءِ اهو دستور نه پر استحصال جو اوزار آهي. آئين جي عزت تڏهن ٿيندي جڏهن ان مان هر شهري کي برابريءَ سان فائدو ملندو. اسان کي اهو سوچڻو پوندو ته جيڪڏهن اسان پاڻ آئين جي عزت نٿا ڪريون ته پوءِ دنيا اسان جي رياست کي ڪيئن عزت ڏيندي. آئين هر ملڪ جو چهرو آهي، ۽ اهو چهرو تڏهن خوبصورت ٿيندو جڏهن ان تي انصاف، برابري ۽ عوامي ڀلائيءَ جو رنگ ڀريل هوندو. اهو ئي دستور جو اصل مقصد آهي _ عوام جي ڀلائي، نه طاقتورن جي حفاظت.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.