ڪراچي ۾ انوکو واقعو، جوابدار ۽ جاچ آفيسر ٿاڻي مان فرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پوليس جي غفلت سبب انوکو واقعو پيش آيو، جتي جوابدار ۽ جاچ آفيسر ٻئي فرار ٿي ويا آهن.
جاچ آفيسر اي ايس آءِ عمران رمضان جوابدار عبدالرحمان کي ڪرمنل رڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ هٿڪڙي لڳرائي گذري ٿاڻي آندو هو پر ان کانپوءِ 8 جنوري کان ٻئي فرار آهن.
جوابدار عبدالرحمان ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي هو، جنهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪرڻو هو.
پوليس گذري ٿاڻي مان جوابدار ۽ جاچ آفيسر جي فرار ٿيڻ تي ڪيس داخل ڪندي ٻنهي جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.