گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته مسئلن جو حل وڌيڪ صوبن ۾ آهي، نوان صوبا سڀني لاءِ فائديمند آهن، اسان کي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻا پوندا، سياسي جماعتون دل وڏي ڪن.
گوجرانوالا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عبدالعليم خان چيو ته ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي تحريڪ شروع ڪرڻي آهي، جيڪي ملڪ جا سڄڻ ناهن انهن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻو آهي.
هن چيو ته هتي هڪ ئي هاءِ ڪورٽ آهي، جتي پري پري کان ماڻهو ايندا آهن، اسان ڏکڻ پنجاب، اتر پنجاب ۽ سينٽرل پنجاب جي حق ۾ آهيون.
سندس چوڻ هو ته اسان صوبن جا نالا تبديل ڪرڻ نٿا چاهيون، جيڪڏهن توهان وٽ سنڌ ۾ حڪومت آهي ته هڪ بدران ٽي وڏا وزير لڳايو، بلوچستان ۾ به ٽي وڏا وزير لڳي وڃن ته ڪهڙو حرج آهي.
You might also like