اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت 27 هين ترميم ذريعي آرٽيڪل 6 جي ڪلاز 2 ۾ تبديلين جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽ موجب حڪومتي اتحاد 7 هين ترميم ذريعي آرٽيڪل 6 جي ڪلاز 2 ۾ تبديلين جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرٽيڪل 6 جي ڪلاز 2 ۾ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ سان گڏ آئيني عدالت جي لفظ جو واڌارو ڪيو ويندو. ان کان سواءِ ڪلاز 2 تحت سنگين غداري جو عمل ڪنهن به عدالت طرفان جائز قرار نه ڏئي سگهبو.