سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن جو 27هين ترميم خلاف احتجاج، نعريبازي

ڪراچي (رپورٽر) اسلام آباد عدالت ڀرسان آپگهاتي حملي جي واقعي خلاف سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي ڪراچي بار ايسوسيئيشن طرفان سوڳ جي ڏهاڙي ۽ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو. هڙتال جي ڪري سٽي ڪورٽ ۾ ڪارروائيون معطل ٿي ويون، ۽ وڪيلن ڪورٽ جا در بند ڪري ڇڏيا. ٻاهران سائلن جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجي ڪيسن جي تاريخ ڄاڻڻ لاءِ پريشان بيٺل رهيا. هڙتال جي ڪري جيلن مان قيدين کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو. وڪيلن جو چوڻ هو ته اسان جو احتجاج دهشتگردي خلاف آهي ۽ شهيد ساٿين سان ايڪي جو اظهار آهي. سندھ هاءِ ڪورٽ ۾ 27هين آئيني ترميم خلاف احتجاج ڪيو ويو. انصاف لائر فورم ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ميمبرن 27هين ترميم خلاف نعريبازي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.