شڪارپور:سينئر وڪيل جي گرفتاري جو حڪم ڏيندڙ ايڊيشنل سيشن جج بدلي

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي )شڪارپور سينئر وڪيل کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙ ففٿ ايڊيشنل سيشن جج کيھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس شڪارپور مان ھٽائي پنو عاقل بدلي ڪري ڇڏيو وڪيلن جو احتجاج ختم تفصيل موجب ڪجھ ڏينھن پھريان سينئر وڪيل راز محمد ھڪڙو خلاف گرفتاري جا وارنٽ ڪڍندڙ ففٿ ايڊيشنل سيشن جج محمد علي قريشي کي ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پنو عاقل،بدلي ڪري چڏيو آھي جج جي بدلي بعد وڪيلن پاران ھلندڙ احتجاج ختم ڪري ڇڏيو آھي انھي حوالي سان وڪيل راز ھڪڙو چيو ته اسان اڄ عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ھو سنڌ بار ڪاونسل جي نوٽس وڪيلن جي لاڳيتو احتجاج بعد کيس بدلي ڪيو ويو آھي مان تمام وڪيلن جو ٿورائيتو آھيان جن مونسان ساٿ ڏنو آھي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.