ڪراچي/ملير (نمائندن وٽان) ڪراچي جي علائقي ملير برهاني ٽائون سوسائٽي ۾ گهر مان مڙس ۽ زال جا لاش مليا. پوليس موجب 35 ورهين جي ذيشان پٽ هارون بي روزگاري ۽ گهريلو تڪرارن کان تنگ اچي پهريان پنهنجي 30 ورهين جي زال ثنا کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ پوءِ مٿي واري ماڙ تي وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏئي ڇڏيو. واقعي وقت سندن 3 ٻار گهر ۾ موجود هئا. پوليس لاش جناح اسپتال منتقل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. فوت ٿيل مڙس هڪ خانگي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو جڏهن ته سندس زال ٻئي هنڌ ڪم ڪندي هئي. فوتي جي گهرڀاتين موجب، ذيشان ڊگهي وقت کان بي روزگار هو.