اسلام آباد (اُردو بيورو رپورٽ ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميثاق جمهوريت ۾ آئيني عدالت قائم ڪرڻ جو جيڪو خواب 19 سال کان پوءِ پورو ٿيو آهي، اسان جو مقصد آهي ته پاڪستان ۽ ان جا ساٿين وارا سڀ علائقا ترقي ۽ خوشحالي ۾ گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته افغانستان کي پنهنجي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ کان روڪڻ گهرجي. خارجين ۽ دشمنن کي ٻڌايون ٿا ته اسان کي سندن حرڪتن جي مڪمل ڄاڻ ۽ اسان انهن کي هر حال ۾ جواب ڏينداسين. آئيني عدالت جي قيام سان بينظير ڀٽو جي روح کي سڪون مليو هوندو، اڃا اسان کي گهڻا معاملا طئي ڪرڻا آهن پر مشاورت بنا 18هين ترميم ۾ ڪا تبديلي نه ٿيندي. ترميم جي منظوري کان پوءِ وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته اختلاف اپوزيشن جو حق آهي ۽ اسان ان جو احترام ڪيون ٿا، اسان کي گارگند ۽ ڏڦيڙ جي سياست ختم ڪرڻي پوندي، هن وقت الله پاڪ پاڪستان کي جيڪا عسڪري ۽ سفارتي محاذ تي عزت ڏني آهي، اها اڳ ۾ نه هئي.هن چيو ته معرڪه حق کانپوءِ جڏهن اسان آرمي چيف کي فيلڊ مارشل جو اعزاز ڏنو ته قوم ان کي ساراهيو، هاڻ جڏهن آئين ۾ ان کي شامل ڪيو پيو وڃي ته ڪهڙي بري ڳالهه آهي، قومون پنهنجي هيرن کي ائين ئي عزت ڏينديون آهن.سندس چوڻ هو ته مان هر ان شئي جي خلاف آهيان جيڪا وفاق کي ڪمزور ڪري، ڪالا باغ ڊيم ملڪ جي مفاد ۾ آهي پر ان سان وفاق ڪمزور ٿيڻ جو خطرو آهي، تنهن ڪري مان ان جي حق ۾ ناهيان. شهباز شريف چيو ته اسان جي ۽ بلاول ڀٽو جي سوچ ۾ ڪو فرق ناهي، اتفاق راءِ بنا 18هين ترميم ۾ ڪا تبديلي نٿي ٿي سگهي، اسان ڪجهه معاملن تي ويهي ڳالهائينداسين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قومي اسيمبلي ۾ 27هين آئيني ترميم منظور ٿيڻ کان پوءِ سڀني سياسي جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته اسيمبلي ۾ سڀني پارٽين ۽ ان جي اڳواڻن گڏجي ملڪ جي اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته تازو وانا ۾ هڪ ٻيو حملو ٿيو جيڪو خارجين طرفان ڪيو ويو. ان واقعي ۾ اسان جو ڌيان افغانستان ۽ ان جي مددگار گروپن تي آهي. اسلام آباد ۾ پڻ هڪ وحشي حملو ٿيو جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. وزيراعظم چيو ته اسان کي فتنه الخوارج ۽ دشمنن جي هر حرڪت جو علم آهي ۽ انهن کي هر حال ۾ جواب ڏينداسين. اسان پاڪستان جي سلامتي ۽ ترقي جو عمل ڪنهن کي به روڪڻ ناهي ڏينداسين. اسان جو مقصد آهي ته افغانستان، پاڪستان جي مخالف گروپن کي روڪي ۽ امن ۾ حصو وٺي.وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته صوبن ۽ وفاق ۾ گڏجي ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن صوبو مضبوط ٿيندو ته وفاق به مضبوط ٿيندو. جيڪڏهن ڪنهن شيءَ تي اتفاق ناهي ته 100 ڪالا باغ ڊيم پڻ قربان ڪري سگھجي ٿو.