اسلام آباد (پارلياماني رپورٽ) 2007ع کان پارليامينٽ کي ڪور ڪندڙ سينيئر رپورٽر جو چوڻ آهي ته ايتري مايوسي، بيوسي ۽ غصي جو ماحول ڪڏهن به نه ڏٺو ويو، جيڪو هاڻي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ آهي۔رپورٽر مطابق، اڄڪلهه پارليامينٽ ميمبر پاڻ صحافين کان پڇن ٿا ته 27هين آئيني ترميم ۾ عوام لاءِ آخر ڇا رکيو ويو آهي؟ گذريل پنجن ڏينهن دوران هن لڳ ڀڳ 37 ميمبرن، ڪيترن ئي سرڪاري آفيسرن ۽ غيرملڪي مبصرن سان ملاقاتون ڪيون، ۽ سڀني جو هڪڙو ئي خيال آهي ته "هن ملڪ جا ڪجهه وڏا ماڻهو عوام کان اوترو پري ٿي ويا آهن، جيترو جنرل مشرف 2003ع ۾ ٿيو هو، جڏهن هن 17هين ترميم پاس ڪرائي سموري طاقت پاڻ وٽ رکي هئي،رپورٽر لکي ٿو ته پوءِ ست سال بعد 18هين ترميم ۾ صدر جي پارليامينٽ ختم ڪرڻ واري طاقت ختم ڪئي وئي، پر هاڻي ٻيهر ساڳي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي۔پارليامينٽ جي اندر مختلف پارٽين سان واسطو رکندڙ ميمبر هڪ ئي ڳالهه تي بحث ڪري رهيا آهن — "تاحيات استثنيٰ آخر ڪيتري دير تائين رهندي؟ميمبر حيران، بيوس، مايوس ۽ پريشانيءَ نظر اچن ٿا، پر ڪوبه کليءَ عام ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي۔هڪ عورت سينيٽر رپورٽر کي ٻڌايو ته لڳي ٿو ته ڪجهه وڏو ٿيڻ وارو آهي جنهن جو سڀني کي انتظار هو.