محمود خان اچڪزئي 27 هين ترميم جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسمبلي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي 27 هين ترميم جو بل جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏيو. 27  هين آئين جي ترميم جي منظوري لاءِ قومي اسيمبلي ۾ اجلاس دوران محمود خان اچڪزئي خيالن جي اظهارِ لاءِ ا ٿيو، ۽ ان دوران هن 27 هين ترميم جي بل جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي. محمود اچڪزئي چيو ته هي حڪومت فارم 47 تي قائم ڪئي وئي آهي، هاڻي اهو ٻڌايو ته اهڙي پارليامينٽ کي آئين ۾ ترميم جو اختيار ڏنو وڃي ٿو؟ نواز شريف جي پارليامينٽ ۾ متوقع آمد بابت سوال تي بيرسٽر گوهر جواب ڏنو ته نواز شريف اچن يا نه اچن، هو هاڻ پاڪستاني سياست سان غير متعلق ٿي چڪا آهن، پارليامينٽ ۾ نواز شريف لاءِ ڪنهن به طرفان ريڊ ڪارپيٽ نه وڇايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.