چيف جسٽس يحيٰ آفريدي رٽائر ٿيڻ تائين چيف جسٽس رهندو\27 هين ترميم قومي اسيمبلي مان به منظور

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ 27هين آئيني ترميم منظور ٿي وئي، ترميم جي حق ۾ 234 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا،  مخالف ڌر  قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو، جڏهن ته اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پڻ موجود هئا. قومي اسيمبلي ۾ 27هين آئين ۾ ترميم جي حق ۾  234  ميمبرن ووٽ ڏنا، جڏهن ته 4 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. مخالف ڌر پاران قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جو اجلاس سپيڪر سردار اياز صادق جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ 27هين آئين ۾ ترميم کي منظور ڪيو ويو. مخالف ڌر پڻ قومي اسيمبلي اجلاس دوران 27هين ترميم جي حوالي سان احتجاج ڪيو ۽ ترميم خلاف نعري بازي ڪئي وئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ ايوان ۾ ايڪتا ۽ قومي اتحاد جو مظاهرو ڪيو ويو آهي. هن ترميم جي منظور ٿيڻ تي  ايوان کي مبارڪباد به ڏني. وزير قانون اڄ جي اجلاس ۾ وضاحت ڪئي ته آئيني ترميم جي باوجود جسٽس يحييٰ آفريدي ئي ملڪ جي چيف جسٽس رهندا، جڏهن ته ان جي رٽائرمينٽ يا عهدي کي خالي ڪرڻ جي صورت ۾ وفاقي آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جيڪو سينيئر جج هوندو، اهو ملڪ جو نئون چيف جسٽس بڻجندو.هن ترميم جي حوالي سان وزير قانون هڪ ترميم پيش ڪئي جنهن کي قومي اسيمبليءَ منظور ڪيو. اهو بل سينيٽ مان منظور ٿيل ترميم کي اضافي ترميمن سان گڏ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ وزير قانون  اعظم نذير تارڙ 6 واڌو  ترميمون پيش ڪيون. قومي اسيمبلي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان 59 ترميمن کي شق وار منظور ڪيو. قومي اسيمبلي مان واڌو ترميمن جي منظوري بعد بل کي ٻيهر سينيٽ کي موڪليو ويندو. حڪومت 27هين آئيني ترميمي بل ۾ وڌيڪ ترميمون شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 27هين آئين ۾ اضافي ترميمون قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيون و يون . شق 2 جو نئون متبادل تجويز  ڪيو ويو آهي، جنهن تحت  آرٽيڪل 6  ۾ ترميم ڪئي وئي آهي ۽ لفظ  The کانپوءِ وفاقي آئيني عدالت جا لفظ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ترميم جي تحت آئين ۾ نئين شق A2 شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، آرٽيڪل 10 ۾  وضاحت طور  سپريم ڪورٽ آف  جا لفظ شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيئن ترميم کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي اختيارن جون حدون واضح ٿي سگهن. آرٽيڪل 176 ۾ ترميم  جي تجويز ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ لفظ انصاف کانپوءِ  سپريم ڪورٽ  جا لفظ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، جيئن عدالت جي اهميت ۽ اختيارن جي وضاحت ٿئي. موجوده چيف جسٽس جي مدي جي حوالي سان ترميم ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته موجوده چيف جسٽس پنهنجي مدي دوران هميشه چيف جسٽس آف پاڪستان  ئي رهندا. بلاول جي تقرير دوران مخالف ڌر جا ميمبر ايوان ۾ گوڙ ڪندا رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.