اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي جا چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اسمبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته حڪومت آئيني عدالت جو مطالبو پورو ڪرڻ تي ٿورو مڃان ٿو.. هن چيو ته بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ ميثاقِ جمهوريت تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻو پوندو. بلاول وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم ذريعي صوبن کي حق ڏنا ويا، هاڻ ڪنهن جو پيءُ به 18هين ترميم کي ختم نٿو ڪري سگهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب دوران دهشت گردي جي واقعن جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته سڄي قوم کي متحد ٿي دشمنن جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن چيو، اسان ماضي ۾ دهشت گردن کي شڪست ڏني ۽ هاڻي به انهن کي شڪست ڏينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي وڏي جدو جهد کانپوءِ 26هين ترميم کي ڪاميابي سان منظور ڪرايو. بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ جي اعتراضن جي باوجود آئيني عدالت جي بدران ِ آئيني بينچ ٺاهيو ويو، ۽ مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ جي اجازت سان ان ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو هو. بلاول ڀٽو اپوزيشن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي اڳواڻ لاءِ روئڻ بدران قانون سازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته 26هين ترميم جي طرح 27هين ترميم ۾ به اپوزيشن جو ڪردار هجڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن حڪومت 27هين ترميم آڻڻ جو فيصلو ڪيو، ته پيپلزپارٽي سان رابطو ڪيو. هنن مطابق، حڪومت هن ترميم لاءِ بچاءُ وارن ادارن ۽ اعليٰ عدليه سان پڻ مشاورت ڪئي هوندي. هن چيو ته 26هين ترميم جي طرح 18هين ترميم پڻ اتفاقِ راءِ سان منظور ڪئي وئي هئي، ۽ مضبوط قانون سازي اڪثريت سان نه، پر اتفاقِ راءِ سان ڪئي ويندي آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته 18هين ترميم وفاق جي مضبوطي جي ضمانت آهي، جنهن ذريعي صوبن کي حق ڏنا ويا، صوبن جا فيصلا اسلام آباد بدران صوبن ۾ ئي ٿين ٿا، هاڻ هاڻ عليحدگي پسندن جا سئو نسل به سنڌ ۽ بلوچستان کي ڌار نه ٿا ڪرائي سگهن. پيپلزپارٽي جي چيئرمين چيو ته انهن فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئيني تحفظ فراهم ڪري رهيا آهيون، جنهن سان اهو قومي اتفاق ۽ اداراتي هم آهنگي جي علامت بڻجي سگهي ٿو. بلاول ڀٽو چيو ته فيلڊ مارشل ۽ پاڪستان جي فوج کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي ۽ پاڪستان جي فوج مودي سرڪار کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته 26هين آئيني ترميم پڻ اتفاقِ راءِ سان منظور ڪرائي وئي هئي، ۽ 27هين آئيني ترميم ۾ ميثاقِ جمهوريت جا اڻ پورا وعدا پورا ڪيا پيا وڃن. ڪنهن به آئيني ترميم جي مضبوطي گهڻ-راءِ (ڪثرتِ راءِ) سان ناهي، پر اتفاقِ راءِ سان ٿيندي آهي. ڪير به ماڻهو هجي، ڪنهن جو پيءَ 18هين ترميم کي ختم نٿو ڪري سگهي. اسان آئيني عدالت قائم ڪري ڇڏينداسين. ان کان اڳ سوموٽو جي تلوار هر حڪومتءَ تي لٽڪندي رهي آهي، پر 27هين آئيني ترميم کان پوءِ هاڻي ڪو سوموٽو نه کڻي سگهندو. ميثاقِ جمهوريت جا ٻيا نڪتا به عمل ۾ آندا وڃن. جيستائين سياستدان پنهنجو نصيب پاڻ طئي نه ڪندا، ملڪ نه هلي سگهندو. اپوزيشن احتجاج ڪري، پر سياسي ميدان نه ڇڏي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ڪيو ويو، ان وقت عدالتن ۾ برابر جي نمائندگي نه هئي. اسان ڏٺو ته ڪيئن عدالتن سوموٽو وٺي وزيراعظم ۽ وزيرن جي توهين ڪئي، پر هاڻي ڪو سوموٽو نه ٿيندو. افتخار چوڌري کان پوءِ سوموٽو جو اختيار ڀوڳيو. عدالتن سوموٽو جو اختيار استعمال ڪري ڪيترن ئي موقعن تي ٽماٽن ۽ پٽاٽن جي قيمتن جو جائزو ورتو، ۽ سوموٽو سوموٽو چئي وزيراعظم، وزيرن ۽ چونڊيل نمائندن جي توهين ڪئي وئي. پر هاڻي آئيني ترميم کانپوءِ ڪا به سوموٽو، شوموٽو نه ٿيندو. پيپلزپارٽي اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽ ڪرڻ جي تجويز رد ڪئي، ۽ چيو ته ايف بي آر جي ناڪامي کي صوبن تي نه ڦٽو ڪيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن صوبن کي اختيار ڏنا وڃن ته اهي ايف بي آر کان وڌيڪ ٽيڪس جمع ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي سچائي ۽ مصالحت طرف وڌڻ گهرجي. سياسي پولرائزيشن کي گهٽائڻ لاءِ دروازا کولڻ ضروري آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف محنت ڪري رهيو آهي ۽ ڊليور پڻ ڪري رهيو آهي، پر جيسيتائين سياستدان هڪ ٻئي کي عزت نٿا ڏين، تب تائين ملڪ صحيح طريقي سان نه هلندو. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مخالف ڌر ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ چيو ته سياسي جماعتن جي وچ ۾ رابطو شروع ڪرڻ ۽ ان جو تسلسل برقرار رکڻ ضروري آهي، جيئن اسان موجوده ڊيڊ لاڪ کان نڪري سگهون. هن تجويز ڏني ته اپوزيشن احتجاج ضرور ڪري، پر سياسي ميدان ڇڏي نه وڃي.