اسلام آباد(حسنات ملڪ) 27هين آئيني ترميم ۾ ڪجهه تبديليون تجويز ڪيون ويون آهن۔ڇا اهي تبديليون 27هين آئيني ترميم ۾ ئي شامل ڪيون وينديون ۽ پوءِ اهو بِل ٻيهر سينيٽ ڏانهن موڪليو ويندو منظوري لاءِ؟يا اهو بِل جيئن آهي تيئن ئي پاس ڪيو ويندو ۽ پوءِ سڌي طرح 28هين آئيني ترميم آندي ويندي؟خبرون اچي رهيون آهن ته اڳين 48 ڪلاڪن ۾ ڪنهن به وقت نئين ترميم اچي سگهي ٿي۔ هاڻي سوال آهي ته آخر هي تبديليون ڇو آنديون پيون وڃن؟ظاهر آهي ته حڪومت کي ڪجهه “احساس ٿيو آهي، خاص طور تي عدليه (سپريم ڪورٽ) جي طرفان ڪجهه خدشا آيا آهن، جنهن سبب حڪومت تي نظرثاني جو دٻاءُ وڌيو آهي۔”سپريم ڪورٽ آف پاڪستان“ مان “پاڪستان” جو لفظ هٽايو پئي ويو، جيڪو عدليه کي قبول نه هو۔هاڻي اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي ته عدليه جي خواهش تي ”پاڪستان“ جو لفظ ٻيهر شامل ڪيو ويندو۔ان سان گڏ، “چيِف جسٽس آف پاڪستان” جي عهدي مان به “پاڪستان” جو لفظ هٽائڻ جو ارادو هو، پر هاڻي اهو برقرار رکڻ تي اتفاق ٿي رهيو آهي،پر اصل مسئلو رڳو لفظن جو ناهي،بلڪه سوال اهو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حيثيت ڇا رهندي؟ڇا اها نئين “آئيني عدالت” جي ماتحت هوندي؟27هين ترميم جي مسودي موجب، سپريم ڪورٽ کي آئيني عدالت جي تابع رکيو پئي ويو هو، ۽ ان جي فيصلي کي پابند قرار ڏنو ويو هو۔هاڻي غور هلي رهيو آهي ته ڇا اهو حصو به تبديل ڪيو ويندو؟ يا رڳو نالا ۽ لقب بحال ڪيا ويندا؟ذريعن موجب، عدليه ۾ مزاحمت ۽ بيچيني وڌي وئي آهي۔خبرون آهن ته چيِف جسٽس يحيى آفريدي چئي چڪوآهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ کي گهٽ درجي تي آندو ويو ته هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو ان سان گڏ، جج منصور علي شاهه ۽ ٻين ججن پڻ عدالتي “ڪنوينشن” گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته عدليه اندر اختلاف راءِ ۽ مفادن جو ٽڪراءُ به موجود آهي ،ڪجهه جج حڪومت جي حمايت ۾ آهن، ته ڪجهه ان خلاف،جڏهن ته نئين آئيني عدالت جو سربراهه جج امين الدين خان هوندو۔امين الدين خان اهو جج آهي جنهن هر اهم معاملي ۾ حڪومت جي حمايت ۾ فيصلا ڪيا، 27هين ترميم کانپوءِ پوءِ سپريم ڪورٽ جي اختيارن جو وڏو حصو نئين آئيني عدالت ڏانهن منتقل ٿي ويندو۔جيڪڏهن عدليه جو دٻاءُ وڌيو ته حڪومت کي 28هين ترميم آڻي نيون وضاحتون ڪرڻيون پونديون،ٻئي پاسي صدر زرداري کي تاحيات استثنيٰ وارو تڪرار برقرار آهي،ڪجهه مذهبي عالمن جهڙوڪ مفتي تقي عثماني ان کي غير اسلامي قرار ڏنو آهي۔هاڻي اهو امڪان آهي ته 28هين ترميم ۾ استثنيٰ واري شق تي به تبديلي آندي وڃي۔. ممڪن آهي ته صدر زرداري پاڻ به اعلان ڪري ته هو تاحيات استثنا نه وٺندو.