لاهور (عمران شفقت) 27هين ترميم تي نئين تڪرار جنم ورتو آهي. حڪومت ڪا شئي وساري ويٺي آهي جنهن لاءِ وفاقي ڪابينا جو اجلاس گهرايو ويو. ترميمن ۾ ڪا غلطي رهجي وئي آهي جنهن جي ڪري ان کي واپس سينيٽ ۾ موڪليو ويندو. جيڪا خامي رهجي وئي آهي اها لڳي ٿي ته چيف جسٽس بابت آهي ته چيف جسٽس ڪير هوندو. آئيني عدالت جو سربراهه چيف جسٽس آف پاڪستان هوندو ڇو ته آئيني عدالت سپريم هوندي. قانون واري وزير چيو هو ته جيڪو وڌيڪ سينيئر هوندو اهو جڊيشل ڪميشن جي صدارت ڪندو. اطلاعن موجب، هاڻي طئي ڪيو ويندو ته آئيني عدالت جو سربراهه ئي جڊيشل ڪميشن جو به سربراهه هوندو. 27هين ترميم کي نواز شريف جي سياسي حمايت نظر اچي ٿي. نواز شريف جو ترميم لاءِ ووٽ ان ڳالهه جو دليل آهي. ان کان اڳ جنرل باجوا کي ايڪسٽينشن تي مريم نواز چيو هو ته اسان ان ڏوهه ۾ شريڪ نه آهيون. هوڏانهن آئين ۾ ترميم لاءِ دنيا ۾ وڏي پئماني تي غور فڪر ڪيو ويندو آهي.