دبئي (ڪامران خان )پاڪستاني عوام جي زندگي ۽ اصل مسئلن کان لاتعلق حڪمران ايوانن ۾ 27هين آئيني ترميم به منظور ٿي وئي، جنهن سان گڏ ئي هاڻي سڀني جون نظرون 28هين آئيني ترميم تي کتل آهن۔هاڻي اهم سوال اهو آهي ته ڇا اها ساڳي پارليامينٽ جنهن طاقتور حلقن جي خوشنوديءَ ۾ 27هين ترميم پاس ڪئي، ڇا اها 28هين ترميم به منظور ڪندي؟اهو ئي فيصلائتو موڙ هوندو، جتي طئي ٿيندو ته ملڪ ۾ اختيار واقعي هيٺين سطح تائين ويندا يا “زرداري-نواز راڄ” جو تسلسل جاري رهندو۔28هين ترميم کي عوامي اميدن جي علامت سڏيو پيو وڃي، ڇو ته ان جي ذريعي:نوان صوبا ٺاهڻ،صوبائي فنانس ڪميشن (PFC) جي قيام، ۽بلدياتي ادارن کي حقيقي طاقت ڏيڻ جا امڪان آهن۔پر سوال اهو آهي ته ڇا اشرافيا واقعي ايتري سياسي خودمختياري برداشت ڪندي؟پروگرام ۾ سينيئر سياستدان فواد چوڌري واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ هر دور ۾ عوام کي طاقت ڏيڻ جو نعرو ته لڳايو ويو، پر اصل طاقت هميشه چند خاندانن، مفاد پرستن ۽ ادارن جي هٿ ۾ ئي رهي آهي۔فواد چوڌري موجب، جيڪڏهن 28هين ترميم پاس ٿي وئي ته اهو ملڪ ۾ طاقت جي حقيقي منتقليءَ جو آغاز هوندو، پر جيڪڏهن نه ته پوءِ اهو صاف ظاهر ٿيندو ته عوامي طاقت جو خواب هڪ ڀيرو ٻيهر اشرافيه جي مفادن ۾ قربان ڪيو ويو،هن چيو ته 26هين ترميم ۾ عدليه ته مڪمل طور ختم ٿي وئي،27هين ترميم ۾ ان جي تدفين ڪرڻي هئي،نوازشريف ۽ آصف علي زرداري جي هوندي بااختيار مڪاني نظام نٿو اچي سگهي،ٻنهي اختيارن جي ورڇ جو فيصلو ڪيو ته ان جو مطلب ته طاقت زرداري ۽ شريف خاندان جي هٿن مان نڪري عوام ۾ ورهائجي ويندي،هن چيو ته توهان رڳو سنڌ پنجاب کان صوبائي فنانس ڪميشن قائم ڪري ڏيکاريو ان سان اوهان جو امتحان پورو ٿي ويندو ته توهان 28هين ترميم ۾ اختيارن جي ورڇ ڪري سگهندو يا نه،فيلڊ مارشل جي نيت سٺي آهي،هو ته ڪئنال به ٺاهڻ چاهي پيو پر اهي ڪئنال به نه ٺهي سگهيا،تاحيات استثنيٰ کل جوڳي آهي،