اسلام آباد(عبدالقيوم صديقي+مزمل سهروردي)27هين ترميم کانپوءِ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله جي استعيفيٰ جا امڪان آهن،جڏهن ته اعليٰ عدليه مان 14 استعيفائون اچڻ جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا پنج جج،لاهور هاءِ ڪورٽ جا ٻه جج،سنڌ،پشاور،بلوچستان مان به استعيفائن جو فيصلو ٿي چڪو آهي،باغي ججن جي ذهن ۾ جسٽس(ر)افتخار چوڌري جهڙي تحريڪ هلائڻ جو پلان آهي،پي ٽي آءِ اهو چاهي رهي آهي ته 27هين ترميم خلاف مورچو اعليٰ عدليه جي سينئر ججن جي استعيفائن جي صورت ۾ نڪري جيئن انهن ججن جي ڪلهي تي عوامي تحريڪ هلائي سگهجي جڏهن ته باغي جج اهو سوچي رهيا آهن ته تحريڪ هلائڻ لاءِ ته اسٽيبلشمينٽ جي حمايت گهرجي، طاقتورن پاران هن وقت ته باغي ججن کي ڪا به سپورٽ نه پئي ملي،تنهن ڪري اهي سوچي رهيا آهن ته استعيفائون ضايع وينديون،اسان اندر ويهي مزاحمت جاري رکنداسين.
-
صدر زرداري تي ڪرپشن ڪيس ختم، پارليامينٽ کي مبارڪباد!
اسلام آباد(بيورو)سينئر صحافي انصار عباسي ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته 27هين آئيني ترميم جي منظوريءَ سان گڏ ئي صدر آصف علي زرداري تي ڪرپشن جا سڀ ڪيس ختم ٿي ويا آهن جي ها، بلڪل ختم!رپورٽن موجب، ترميم جي نتيجي ۾ نه صرف ماضي جا سڀ ڪيس خاتمي جي فهرست ۾ اچي ويا آهن، پر مستقبل ۾ به جيڪڏهن صدر زرداري تي ڪنهن به قسم جي ڪرپشن، اختياري جي ناجائز استعمال يا بدعنوانيءَ جو الزام لڳي ٿو، ته به هن خلاف ڪو به ڪيس داخل نه ڪري سگهبو،پارليامينٽ ان ڪارنامي تي مبارڪباد جي مستحق آهي
-
پارليامينٽ رڳو اشرافيه جي خدمت گار بڻايل آهي: مشتاق احمد خان
اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان ٽوئيٽ ڪيو آهي ته ملڪ ۾ عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ ۽ هڪ شخص کي جيل ۾ رکڻ لاءِ رياست جا بنيادي ٿنڀ ڊاٿا پيا وڃن،هڪ وڊيو بيان ۾ هن چيو ته صدر ۽ فيلڊ مارشل کي ڏنل تاحيات استثنيٰ نه رڳو دستور ۽ بنيادي انساني حقن جي ابتڙ آهي، پر اهو اسلامي تعليمات جي به خلاف آهي،هن چيو ته عوام جي تڪليفن جو خاتمو ڪرڻ ۽ قومي مسئلا حل ڪرڻ بدران، پارليامينٽ کي اشرافيا جي خدمت جو اوزار بڻايو ويو آهي۔اڄ جي اسيمبلي کي “ربڙ اسٽيمپ پارليامينٽ” سڏيو پيو وڃي، جتي قانون عوام لاءِ نه پر طاقتور طبقي لاءِ ٺهندا آهن۔
-
آئيني عدالت اڄ ئي قائم ڪري ججن کان حلف کڻائڻ جو امڪان
اسلام آباد (بيورو) حڪومت اڄ وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان حوالي سان سڀئي انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. سرڪاري ذريعن موجب، 27 هين آئيني ترميم جي منظوري کان فوري پوءِ، حڪومت صدر جي صحيح کان پوءِ عدالت جي ججن جي مقرري جو عمل مڪمل ڪندي. سرڪاري عملدارن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي پاران ترميم جي منظوري سان ئي، بل صدر کي صحيح لاءِ موڪليو ويندو، جنهن کان پوءِ هي ترميم باضابطه طور تي آئين جو حصو بڻجي ويندي. آئيني عمل مڪمل ٿيڻ سان ئي، وفاقي آئيني عدالت جي ججن جي حلف برداري تقريب اڄ ئي ڪرائي ويندي. ذريعن موجب، هن نئين عدالت جي چيف جسٽس ۽ ججن کي صدر وزيراعظم جي صلاح تي مقرر ڪندو. سينيٽ 27 هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ۽ قومي اسيمبلي جي منظوري کان پوءِ، وفاقي آئيني عدالت اڄ باضابطه طور تي قائم ڪئي ويندي.
-
گهرو کاتي پاران ڪراچي بابت سيڪيورٽي الرٽ جعلي قرار
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گهرو کاتي ڪراچي بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ سيڪيورٽي الرٽ کي جعلي قرار ڏنو آهي. کاتي عوام ۽ ميڊيا کي اپيل ڪئي آهي ته اڻ تصديق ٿيل پيغام شيئر نه ڪن. بيان موجب، سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن جعلي آهي ۽ ان ۾ ڏنل معلومات گمراهه ڪندڙ آهي. سنڌ جي گهرو کاتي واضح ڪيو ته سڀئي سرڪاري سيڪيورٽي ايڊوائزري صرف گهرو کاتي جي مجاز ذريعن ذريعي جاري ڪيون وينديون آهن. سوشل ميڊيا تي هڪ خبر جي رپورٽ موجب، 12 نومبر کان 30 نومبر 2025 تائين ڪراچي لاءِ سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو ويو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته شهر ۾ دهشتگردي يا تخريبڪاري جا امڪان وڌي ويا آهن. جڏهن ته، سنڌ جي گهرو کاتي هن خبر کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي.