اسلام آباد(بيورو)ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار چيو آهي ته جيڪڏهن عدالتون ڪنهن لاءِ رات مهل کلنديون آهن ته پوءِ عام ماڻهو لاءِ به رات جي پهر ۾ عدالت کلڻ گهرجي،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته ڪجهه اهڙا جج به آهن جن تي هن ئي ملڪ جي اعليٰ عدالت ۾ ڪرپشن جا ڪيس هلي رهيا آهن،يعني جيڪو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻجي،انهيءَ سپريم ڪورٽ ۾ هن تي جعلي نوڪرين جا ڪيس هلي رهيا آهن،هو رٽائرڊ ٿي گهر هليو ويو،هن تي جعلي نوڪرين جو ڪيس اڃا به هلي رهيو آهي،هر آئيني عدالت جو اهو فرض هئڻ گهرجي ته جڊيشل ڪميشن کان سوال ڪري ته ججن جي مقرري جي تجويز سياسي پسند نا پسند يا اشرافيه جي سفارش نه پر انهن جو ميرٽ تي هئڻ گهرجي،هن چيو ته آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 189 جي تشريح ڪيئن ڪنديون؟ان تي غور ڪيو وڃي،ٻنهي ايوانن ۾ ڪو به ميمبر اهڙو نه هوندو جيڪو پاڪ فوج جي خدمتن جو معترف نه هجي،معرڪه حق کانپوءِ آرٽيڪل 243 ۾ تبديليون وقت جي ضرورت آهن،وزيراعظم ۽ قانون واري وزير چيو هو ته 27هين ترميم ۾ اسان جو 140 اي مسودو شامل هوندو ٻن ڏينهن کانپوءِ پيغام مليو ته اسان جي ترميم قانون واري وزارت ۾ آهي ان ڪري اها ترميم ان مسودي ۾ شامل نه هوندي،اهو مسودو الڳ سان پيش ٿيندو،هاڻي اسان کي خبر پئي آهي ته 140 اي جو مسودو سمورين جمهوري پارٽين جي مشوري سان ڪڍيو ويو آهي،هاڻي اسان کي 28هين ترميم جي پٺيان لڳايو ويو آهي،گهڻا ماڻهو ان تي خوش ٿي رهيا آهن ته غريب جي جيڪا ٿوري گهڻي سنوائي هئي ان جو ٻيڙو غرق ٿيو،هن چيو ته اسان پنهنجو فرض ادا ڪيو،مسودو شامل نه ٿيڻ ٻنهي ايوانن جي ناڪامي آهي،ميثاق جمهوريت کي 18 سال ٿي ويا آهن،ان ۾ ارڙهين ترميم،اين ايف اسي ايوارڊ سميت گهڻيون ڳالهيون مڃرايون ويون،