ڀريا ويجهو شهيد اهلڪارن جي تدفين، ڪيس داخل، جاچ ٽيم قائم

نوشهرو فيروز/ڀرياسٽي/ڀريا روڊ (نمائندن وٽان) گذريل رات ڀريا ڀرسان پوليس پڪٽ ٽيل شاخ تي اڻڄاتل هٿياربندن جي حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪارن سعيد سولنگي ۽ غلام حسين راڄپر شهيد ٿي ويا هئا حملي کان پوءِ سندن لاش ڀريا اسپتال منتقل ڪيا ويا، جتي پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس لائن نوشهرو فيروز ۾ جنازي نماز ۾ آءِ جي سنڌ بشير ميمڻ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد فيصل بشير ميمڻ ۽ ٻين اعليٰ پوليس افسرن سميت وڏي انگ ۾ شهرين، وڪيلن ۽ صحافين شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ بشير ميمڻ اعلان ڪيو ته شهيدن جي وارثن کي 2 نوڪريون، پگھار ۽ 3 ڪروڙ رپيا ڏنا ويندا. پوليس 8 اڻچاتل حملي آورن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي، پر ڪا گرفتار ناهي ٿي سگهي. واقعي جي جاچ لاءِ 3 رڪني ٽيم قائم ڪئي وئي آهي. گهرو وزير نوٽيس وٺندي ايس ايس پي نوشهرو فيروز کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. شهيد غلام حسين راڄپر ڀريا روڊ ويجهو ڳوٺ الهه جڙيو راڄپر ۽ سعيد سولنگي ٺارو شاهه ويجهو ڳوٺ قائم سولنگي جو رهواسي هو. ٻنهي جي جنازي نماز بعد اباڻن ڳوٺن ۾ تدفين ڪئي وئي. شهيدن جي وارثن اعليٰ عملدارن کان جوابدارن جي گرفتاري جي گهر ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.