سياسي جماعتن لاءِ عوام،اصول ۽ احتساب غيراهم بڻجي ويا؟

اسلام آباد(ارشاد ڀٽي)27هين آئيني ترميم آئين جو حصو بڻجي چڪي آهي، وفاقي ڪابينا ۽ سينيٽ جي منظوري کان پوءِ هي ترميم قومي اسيمبلي مان به پاس ٿي ۽ هاڻي صدر زرداري جي صحيح کان پوءِ مڪمل قانوني حيثيت اختيار ڪندي۔سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه چيـف جسٽس يحيٰ آفريدي کي خط لکيو آهي ته سپريم ڪورٽ هڪ تمام وڏي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي،جيڪڏهن عدليه متحد نه ٿي، ته پوءِ نه آزادي بچندي ۽ نه ئي عدالتي فيصلا۔” “هي لمحو توهان (چيـف جسٽس) کان قيادت جو مظاهرو طلب ڪري ٿو، عدليه جو گڏيل موقف حڪومت ۽ پارليامينٽ تائين پهچايو وڃي، بغير عدالتي مشاورت جي اهڙي ترميم اڳتي نٿي وڌي سگهي۔”هن اهو به ياد ڏياريو ته “تاريخ هميشه انهن کي ياد رکندي آهي جيڪي بيٺا، نه انهن کي جيڪي چپ رهيا،جڏهن ته هن ترميم سان آزاد عدليه جو تصور دفن ٿي ويو آهي۔هاڻي سپريم ڪورٽ جي مٿان هڪ نئين عدالت ،“آئيني عدالت قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جي تابعداري سپريم ڪورٽ کي به ڪرڻي پوندي،اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته سپريم ڪورٽ کان مٿانهون ڪو عدالتي ادارو ٺهيو هجي۔اقوامِ متحده جي اصولن مطابق، ايگزيڪيوٽو کي ججز جي مقرري ۾ ڪو به ڪردار نه هجڻ گهرجي، پر هتي جج حضرات جي مرضيءَ خلاف بدليون، برطرفيون ۽ معطليون ممڪن بڻائي ڇڏيون ويون آهن،جڏهن ته ترميم جو سڀ کان تڪراري ۽ حيرت انگيز حصو اهو آهي ته آصف علي زرداري کي تاحيات استثنيٰ  ڏني وئي آهي،اهو عمل ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستان جي سياسي جماعتن لاءِ نه عوام اهم آهي، نه اصول، نه احتساب۔سڀ ڪجهه مفادن، طاقت ۽ اقتدار جي واپار تي ٻڌل آهي۔پارٽيون بظاهر هڪ ٻئي جون مخالفتون ڪن ٿيون، پر اندروني سطح تي سڀ ساڳي اسٽيبلشمينٽ جي پاليسيءَ جو حصو آهن۔جدوجهد جو نعرو “آئين ۽ جمهوريت” جو هوندو آهي، پر فائدو هميشه چند خاندانن ۽ اشرافيا کي ٿيندو آهي۔27هين آئيني ترميم عملي طور تي عدليه جي آزاديءَ کي ختم، صدر کي ناقابلِ مواخذو، ۽ حڪومت کي مطلق العنان بڻائي ڇڏيو آهي۔هاڻي سڀ نظرون ايندڙ 28هين ترميم تي آهن، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اها نئين ترميم به تيار ٿي رهي آهي ۽ ان ۾ باقي رهيل معاملن کي “فٽ” ڪيو ويندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.